ڪڍڻ ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٽرانسفارمر سڙيل، شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

ڪڍڻ ( رپورٽ: بابو کوسو ) ڪڍڻ ۾ مين روڊ تي لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر 15 ڏينھن اڳ ۾ سڙي ويو ھو، جيڪو اڃان تائين تبديل نه ڪرڻ سبب پورو اڌ شھر اوندھ جي لپيٽ ۾ آھي،  شھرين چندو ڪري  پئسا به واپڊا وارن کي ڏنا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو،  ٻئي طرف واٽر سپلاءِ جا تلاءَ  سڪڻ سبب گذريل 10 ڏينھن کان شھري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن، ھوڏانھن سوئي گئس جي لوڊ شيڊنگ معمول بڻيل آھي، شھر واسين جي احتجاجي مظاھرن جي باوجود گئس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جاري آھي، جڏھن ته حاليه زبردست برساتن سبب درگاھ حسين شاھ، ايريگيشن ڪالوني، ملاح پاڙو، سميجا پاڙو،  واھرا پاڙو سميت شھر جي ٻين حصن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شھري سخت مشڪلاتن جو شڪار آھن، ھوڏانھن گذريل ٽن مھينن کان وٺي ٽائون ڪميٽي پاران شھر مان صفائي ڪندڙ عملي کي پگھارون نه ڏيڻ سبب ھڙتال تي ويھڻ سبب سمورو شھر گندگي جي ور چڙھيل آھي، جنھن ڪري مليريا، گيسٽرو، بخار ۽ ٻين وبائي مرضن سبب شھري بيمارين ۾ مبتلا آھن, واضح رھي ته ھر مھيني ٽائون ڪميٽي کي لکين روپيا بجيٽ ملڻ جي باوجود شھرين کي ڪوبه لاڀ ملي نه سگھيو آھي، برسات سٽيلن لاءِ  آيل امدادي تنبو ۽ راشن جا ڪٽا رات وچ ۾ من پسندن ۾ ورھايا ويا، هنن وزير اعظم ۽ وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.