ٽنڊي آدم ۾احتجاج تي ڪيل فائرنگ جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊو آدم (رپورٽ : سليمان ساند ) ٽنڊوآدم لڳ تارا باغ بس اسٽاپ وٽ 6 ڏينهن اڳ ۾ خاصخيلي برادري پاران علائقي جي منشيات فروش خلاف مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ته جوابدارن مظاهري  مٿان سڌيون گوليون هلائي 4 ڄڻن گلبهار خاصخيلي، مختيارعلي، احمد خان ۽ علي اڪبر خاصخيلي کي سخت زخمي ڪري وڌو جن مان ٻن ڄڻن علي اڪبر ۽ گل بهار کي حيدرآباد اسپتال نيو ويو جتي 6 ڏينهن مسلسل ڪوما ۾ رهڻ بعد  نوجوان پورهيت علي اڪبر خاصخيلي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو نوجوان جي فوتگي جي خبر علائقي ۾ جهنگ جي باھ وانگر پکڙجي ويئي ڀرپاسي جي رهندڙ خاصخيلي برادريءَ جي ماڻهن جي وڏي انگ  ۽ وارثن  شهر جي شاهنوازجوڻيجو چوڪ تي خاصخيلي برادري جي سردار غلام مصطفى خاصخيلي جي پٽ راجا خان خاصخيلي، ، سلطان خاصخيلي، مختيار خاصخيلي ، غلام قادر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي رڪاوٽون رکي ٽنڊوآدم کان حيدرآباد، سانگهڙ، شهدادپور ۽ ٽنڊوالهيار ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيا مظاهرين نٽهڻ اس ۾ ٽائرن کي باهيون ڏيڻ سميت ٽينٽ هڻي پلٿي ماري ويهي رهيا 4 روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري روڊن تي سوين گاڏيون بيهجي ويون اطلاع ملڻ تي ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت پوليس موبائلن ۾ سوار پوليس جي وڏي نفري  پهتي ۽ مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ايلاز  ۽ منٿون ڪيون پر هنن مک جوابدار گل حسن کي گرفتار ڪرڻ سميت جوابدارن جي سپورٽ ڪندڙ پوليس عملدارن معطلي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڌرڻي دواران مظاهرين پوليس خلاف نفرت انگيز نعريبازي ڪندا رهيا ان دوران مڇريل نوجوانن پوليس اهلڪارن تي الرون پڻ ڪيون نيڪ مردن وچ ۾ پئي مامري کي ٽاريو . ان موقعي تي خاصخيلي برادري جي سردار راجه خان خاصخيلي ميڊيا سان ڳلهائيندي چيو ته منشيات فروشن اسان جي ماڻهن تي پوليس جي موجودگيءَ ۾ گوليون هلايون اسان جي ڪونڌر کي قتل ڪيو اسان هفتي کان انصاف لاءِ دانهيو پر ڪنهن به نه ٻڌي مجبور ٿي ڌرڻو هنيو آهي هن چيو ته اسان جو پرامن احتجاج اهي جيڪڏهن هيسايو ويو ته مزاحمت ڪنداسين هن چيو ته جيستائين مک جوابدار سميت ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿيا تيستائين احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف پوليس ڌرڻي دوران ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار ڪمال جدگال کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته 2 جوابدار الله ڏتو ۽ عزيز  اڳ ئي گرفتار هئا هاڻي گرفتار ٿيلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي جڏهن ته مک جوابدار گل حسن جدگال ۽ ٻيا روپوش آهن خبر لکجڻ تائين ڌرڻو جاري هو ۽ شهدادپور مان پهتل ڊي ايس پي عطا محمد ڏاهري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.