گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، انتظاميا گم

گهوٽڪي (ڊ ر) سول اسپتال گهوٽڪي ، تعلقي اسپتال  ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو  ۽ خانڳڙه جي اسپتالن مان ھر روز سوين ماڻھو مختلف بيمارين مان وٺجي پُھچڻ لڳا ، ۽ مليريا جو آزار ھينئر کان ئي وڌڻ شروع ٿي ويو آھي، جيڪر جلد برساتي ۽ گندو پاڻي  جلد نيڪال نه ٿيو ته ڊاڪٽرن موجب اسپتالون مريضن سان ڀرجي وينديون ۽ مريض داخل ڪرڻ جي به گنجائش نه ٿي سگھندي ميڊيا سان ڳالھائيندي سول اسپتال جي ايم ايس ٻڌايو ته برساتن توڻي نالين جو گندو پاڻي واھن ۽ شاخن جي پاڻي سان گڏجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ھر روز مليريا ۽ ڊائريا جا مريض اسپتال اچي رھيا آھن سول توڻي تعلقه  اسپتالون مريضن سان ڀريل آھن جن جو ڊاڪٽر علاج ڪري رليف فراھم ڪري رھيا آھن، پر سرڪار توڻي انتظاميا واهر نٿي ڪري .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.