ساماري لڳ سم نالي جا گهارا بند نه ٿيا، ديهون ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا

سامارو (رپورٽ: ڪيول رام سورماڻي)تعلقي جي9 يوسين سامارو ون, ستڙيون, پير گلزار خليل, صالح ڀنڀرو, آراڙو ڀرڳڙي, ميرمحمد ڀرڳڙي, نور خان ڌونڪائي,ٽوڀن واري,پڌريو فارم سميت سمورين يوسيز ۾  قائم سوين ڳوٺن جا ڳوٺ گھڻي مقدار جي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جڏھن ته تعلقي جي ديھ ڀنڀرا  ۾  مختلف ھنڌن تان سم نالي کي 3 گهارا 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيا آھن،  ڀرپاسن جي علائقن ڳوٺن ۾ گھارن ۽ برساتن جو وڏي مقدار ۾ پاڻي جمع ٿي رهيو آھي،  4.ديھن جا ڪيترا ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين هيٺ اچي وئي، ,ديھ لنگهڻي ,ديھ ڀنڀرا ,ديھ ولاسو , ديھ پراڻو ۾ تباهي ٿي وئي آھي، ڳوٺ خوشحال مالهي , ڳوٺ دريا خان پٺاڻ ,موسو جيسر ,ڳوٺ امام بخش هاليپوٽو ,روشن هاليپوٽو غلام نبي قائمخاني مجيد قائمخاني سميت ڪيترا ڳوٺ ٻڏي وياآھن،.   , ھوڏانھن تعلقي جي سمورن متاثر  ڳوٺن جا ھزارين متاثرين روڊن رستن شاخن واھن دڙن ڀڙن مٺڙائو ڪئنال جي پٽڙين ۽ ٻين ھنڌن تي کلئي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ٻئي پاسي سامارو شھر ۽ تعلقي ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇرن جي آزار سبب رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان متاثرن   سيٺ اتمچند مالهي ,نهال مالهي , علي بخش راهو , سومار خاصخيلي , جي اڳواڻي سوين مظاهرين مک روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته  ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان متاثرن بدران من پسندن کي ملي رهيو آهي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، انتظاميا گم آهي،  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.