آريجا جي قبرستان ۾ پاڻي بيهڻ سبب قبرون مسار ٿيڻ لڳيون

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاھه) خير محمد آريجا شهر ۾ چار قبرستان آهن، انهن قبرستانن ۾ مختلف ذات جي ماڻهن جا مڙهه دفن ٿيل آهن، انهن قبرستانن  ۾ برساتي پاڻي بيهڻ ڪري قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون، خير محمد آريجا شهر جي مين وڏي قبرستان ۾ چنا ماڇي ميمڻ چانڊيا چنجڻي جوڳي جتوئي ٻرڙا شيخ ۽ ٻين زاتين جا ميت دفنائيندا آهن برساتي پاڻي قبرستان ۾ ڪافي ڏينهن کان بيهجي ويو آهي جنهن جي ڪري قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون آهن جڏهن ته رولو جانور قبرستان ۾ رات ڏينهن گهمن ڦرن ٿا اهڙي طرح ڪنهن به سياسي سماجي ۽ شهرين جو قبرستان ڏانهن توجھه نه آهي. ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا شهر جي مفتي هدايت الله آريجو جي صاحبزاده پروفيسر سائين نالي مٺو آريجو آريجا پريس جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ شهرن وارن ۽ تعلقي انتظاميا کي اپيل ٿو ڪيان ته هي آخري آرام گاھ سڀني جي آهي هر ماڻهو هن جڳھ تي ضرور ايندو هر ڪو ماڻهون پنهنجي جاين جڳهن ۽ گهرن کي سينگارڻ ۾ مصروف آهي پر آخري آرام گاھه ڏي ڪنهن جو به توجھ نه آهي خدارا اي انسان قبرستان جي مالڪي ڪري قبرستان مان برساتي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي رهيل چوديواري جو ڪم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي . ۽ وڏن کڏن ۾ مٽي وجهرائي وڃي ته جيئن قبرون مسمار ٿيڻ کان بچي وڃن.

کپري ۾برسات متاثرن جو سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

کپرو (ن ع آ ) کپرو ميرپورخاص روڊ تي قائم وسيم ڪاٽن فيڪٽري ۾ خيما بستي ۾ برسات متاثرين کي راشن نه  ملڻ خلاف ميرپورخاص روڊ بند ڪري برسات  متاثرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين چيو ته سنڌ حڪومت پاران ملندڙ برسات متاثرين جي راشن پورهيتن بجاء من پسند ماڻھن ۾ تقسيم ٿيڻ لڳو هنن چيو ته اسان بک مرون پيا اسان حقدارن کي راشن ڏيڻ بجاء اڳوڻو چيرمين پنهنجن ماڻھن کي راشن ڏيڻ ۾ مصروف آھي.  اسان جا گهر ڊهي ويا آھن اسان جي  گهرن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل آھي اسان جا ٻار بک مرن پيا اسان کي خيما بستي ۾ ويهاري پ پ پ ڪوبه راشن نٿي ڏيئي اسان چيرمين پ پ پ بلاول ڀٽو وزير اعلي ا سنڌ مراد علي شاھ , ايم اين اي سانگهڙ شازيه مري , ڊي سي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان برسات متاثرن کي راشن ڏيئي اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو   وڌائڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.