سڪرنڊ لڳ درياهه ۾ چاڙهه، ڳوٺ خالي، رهواسين جو احتجاج

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياءَ  لڳ مڏ منگلي ، ميڪارو بند ، آمري پل وٽ پاڻي جو زبردست چاڙهه وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا ڳوٺ خالي پڪي جي علائقن ۾ منتقل ٿيڻ لڳا. جڏهن ته ڪافي ڳوٺاڻن پاران پنهنجا  گهر خالي ڪرڻ کان انڪار ، ڳوٺاڻا ٻيڙين ، بتيلن ذريعي ڳوٺن ۾ سندن جي اچ وڃ جاري آهي. ڳوٺ مير محمد منگواڻو ۽ ڳوٺ ڌڻي بخش منگواڻو جي رهواسين فقير يار محمد ۽ ذاهد حسين منگواڻو ۽ ڏنو منگواڻو چيو ته اسان جو ڳوٺ سنڌو درياءَ جي چاڙهه سبب پاڻي جي گهيري ۾ آهي اسان جي گهرن طرف اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آهن ۽ اسان جو ڪاهيل فصل پڻ ٻڏي ويو آهي. . هن چيو ته پنهنجا گهر ڇڏي پڪي طرف ڪنهن جي آسري وڃون حڪومت ۽ انتظاميه پاران ڪنهن به قسم جي سار نه لڌي وئي آه،ي صرف بندن جو دورو ڪري فارملٽيون پوريون ڪري رهيا آهن. اسان مسڪين آهيون ٻيڙيون نه هئڻ ڪري ڊرمن ۽ جهرين ذريعي ڳوٺن ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهيون. فصل ۽ اناج پورو ٿيڻ ڪري کاڌي پيتي لاءِ پريشان آهيون. جڏهن ته ڪچي ۾ ڳوٺاڻن پاران سنڌو درياءَ ڪناري بندن تي جهوپڙيون هڻي عارضي طور ڪجهه ڳوٺاڻن گهر اڏي ڇڏيا آهن. سنڌو درياءَ اندر ٻيڙين تي رهي ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندڙ پورهيت علي گل ملاح ،علي ملاح ٻڌايو ته  سنڌ درياءَ ۾ چاڙهه بعد اسان ڪنارن تي پنهنجيون ٻيڙيون لڳايون آهن جڏهن ته ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ايريگيشن عملي پاران بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.