حيدرآباد ۾ناري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي هوسڙي ويجهو نوجوان ڇوڪري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. هوسڙي ويجهو علي اصغر  باد واسي 25 ورهين جي ڪويتا ڌيء جيئو پنهنجي گهر جي پنکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪويتا گهر وارن سان ناراض ٿي گهر جي پنکي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي آهي. اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو  لاش لهرائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اصل حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ سامهون اچي ويندي ته واقعو خودڪشي آهي يا قتل جو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.