ڊکڻ لڳ وين جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ بوهي قبا پوليس پڪٽ سامهون لاڙڪاڻو-شڪارپور انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان شڪارپور ويندڙ تيز رفتار  وين ڊيوٽي تي موجود ڊکڻ ٿاڻي جي پوليس اهلڪار سيد غلام مرتضيٰ شاھ مٿان چڙهي وئي،جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان پوليس اهلڪار ٿڏي تي فوت ٿي ويو،جڏهن ته فوتي پوليس اهلڪار کي خانگي اسپتال پهچايو ويو،پر هن جو دم پرواز ٿي چڪو هو،فوتي پوليس اهلڪار جو مڙھ ڊکڻ ٿاڻي پهچڻ تي سندس ساٿي اهلڪار اوڇنگارون روئي رهيا هئا، هوڏانهن ڊکڻ پوليس  وين ڊرائيور کي گرفتار کي گرفتار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.