سجاول ۾ نينگر سان بدفعلي، ڪيس داخل

سجاول (ڊ ر) سجاول جي وارڊ نمبر 6 حق آباد ڪالوني جي رهواسي نينگر (ع)  کي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال سجاول  منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي نينگر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ئي وارڊ جي ٻن نوجوان پاران مون کي بليڪ ميل ڪري بدفعلي   جو نشانو بڻايو ويو آهي انهي سلسلي ۾ نينگر جي چاچي ناٿو خان ڪوريجو جي فرياد تي  سجاول ٿاڻي تي ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجي ڀائيٽي  سان ٻن ڄڻن جنيد ڀان ۽ پپو شيدي بدفعلي ڪئي آهي.

سجاول پوليس متاثر نوجوان کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.