سجاول ۾ صحافي تي حملو، تشدد، ڪپڙا ليڙون

سجاول (ڊ ر) سجاول جي صحافي حافظ سعيد الله ميمڻ نماز پڙهي گھر طرف اچي رهيو هو ته ڪجهه ماڻهن پاران مٿس حملو ڪري  گاڏي مان لاهي مارڪٽ ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف حافظ سعدالله جو چوڻ آهي ته جوابدار گذريل اٺ مھينن کان مختلف طريقن سان مونکي تنگ ڪري رهيا آهن ۽ گھر ايندي گاريون پڻ ڏيندا رھيا آھن  جنھن جي باري ۾ ڊي آئي جي  حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کي به شڪايت ڪئي پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو ۽ پوليس ڪابہ ڪارروائي نہ ڪئي. اڄ گھر ايندي جوابدارن منھنجي گاڏي تي اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ گاڏي مان لاهي مارڪٽ ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا.  هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.