مدئجي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڀائر زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) مديجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن خروس ڀرسان سلطان شاهه قبرستان وٽ مبينا طور چئن هٿياربند ڦورن ڪهاڙين ۽  لٺين سان حملو ڪري وزير علي ۽ سندس ڀاءُ عرفان علي خروس کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جن کي سندن وارثن کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي وزير علي خروس ٻڌايو ته آءُ پنهنجي ڀاءُ عرفان علي سان گڏجي ڪم سانگهي وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ ڀرسان سلطان شاهه قبرستان وٽ چئن هٿياربندن نهال، چنيسر، ذوالفقار عرف ڀٽو ۽ برڪت وارن ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بيهاري ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل، 10 هزار روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. هن مطالبو ڪيو ته ڦر ڪيل پئسا ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.