عزيز ميمڻ ڪيس ۾ گرفتار 6 جوابدارن جي ضمانت درخواست رد

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهرو فيروز جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي  قتل ڪيس ۾ گرفتار 6 جوابدارن جي ضمانت لاءِ لڳل درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت ۾ جوابدارن ذوالفقار سهتو عرف بگو، فرحان سهتو عرف ڪارو، ارشاد سهتو، امير بخش عرف اميرو سهتو، ظفر سهتو ۽ اويس قريشي ضمانت جي درخواست ڏني. شھيد عزيز ميمڻ ڪيس جي فريادي انجنيئر حفيظ الرحمٰن ميمڻ پاران ايڊووڪيٽ نثار ڀنڀرو ۽ ايڊووڪيٽ امر امتياز ميمڻ جڏهن ته جوابدار ڌر پاران ايڊووڪيٽ ارشاد ڌاريجو عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي. جڏھن ته پوليس ڪيس جي ماسٽر مائينڊ ڄاڻايل جوابدار مشتاق سهتو ۽ سندس ڀاءُ افشار سهتو کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. . واضح رهي ته  16 فيبروري تي محرابپور ٿاڻي جي حد ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش گودو مائنر ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.