خانپور مهر ۾ حادثي جي زخمي پورهيت جو احتجاج

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر ۾ مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندڙ اڪرم دايو تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته 11  مهينا اڳ گلزار مهر روڊ تي خانپورمهر جي بااثر هندو سيٺ گنشام داس عرف سڌام چند جي پٽ راڪيش ڪمار نشي ۾ ڌت ٿي ڪار جو ٽڪر هنيو جنهن ۾ آئون ۽ هڪ ٻيو شخص زخمي ٿي پياسين پر ٻيو زخمي فوت ٿي ويو ۽ آئون ڄنگھ کان معذور ٿي ويس، هن چيو ته هن مهل تائين وڏو خرچ اچي ويو آهي پر بااثر هندو سيٺ گنشام داس عرف سڌام چند سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته هندو سيٺ علاج جي خاطري به ڪرائي هئي پر ان باوجود هن منهنجو علاج نه ڪرايو، آئون ڪيترائي ڀيرا سڌام چند ڏي ويو آهيان پر هو دڙڪا ۽ دهمان ڪري واپس ڪري ڇڏي ٿو، پورهيت اڪرم دايو جو چوڻ هيو ته آئون پورهيت آهيان ۽ مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هئس پر زخمي ٿيڻ کانپوءِ اپاهج بڻجي ويو آهيان ۽ گهر ۾ کائڻ لاءِ به ڪجھ نه آهي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر هندو سيٺ سڌام چند خلاف ڪاروائي ڪري منهنجو علاج ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.