اڍائي سالن جي سميران گهمڻ ڦرڻ کان لاچار:پوليو جي تصديق: پوليو جي تصديق

باهو کوسو(ن ع آ)باهو کوسوويجهو ڳوٺ دولت خان جکراڻي ۾ اڍائي سالن جي  معصوم ٻارڙي جا ٻئي پير مڙي ويا گهمڻ  ڦرڻ کان لاچار پوليو هجڻ جي تصديق  ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي وئي وڌيڪ ٽن ٻارن جا سيمپل ورتا ويا، جڏهن ته باهو کوسو ويجهو ڳوٺ دولت خان جکراڻي ۾تقريبن اڍائي سالن جي معصوم نيگري جا هٿ پير مڙي ويا جنهن جا ڪجھ وقت اڳ سيمپل ورتا ويا هئا جيڪي سيمپل اسلام اباد جي ليبارٽري ۾ موڪليا ويا هئا  جتان سميران ڌي بهار خان جکراڻي کي پوليو هجڻ جي تصديق ڪئي وئي. صحت جون ٽيمون ڳوٺ دولت خان جکراڻي ۾ پهچي ويون  اڍائي سالن جي نينگري سميرا ڌي بهار خان جکراڻي کي پوليوهجڻ جي تصديق ڪئي. نينگري جون ٻانهون ۽ پير مڙي ويا آهن. , جڏھن ته ڳوٺ دولت جکراڻي ۾ صحت جون ٽيمن ۾ يوسي تاجوکوسو جو ايم او ڊاڪٽر حبيب رحمان جکراڻي  ڊاڪٽر بابو مل ڊسٽرڪٽ سريولينس آفيسر, ڊڪٽر نورحسن ڊبليو ايڇ او، ڊاڪٽر وقار ڏهر جي اڳواڻي ۾ پوليو ورڪر جون ٽيمو به پهتيون جن سمپل وٺي ڇڏيا آهن. جڏهن ته پوليو متاثر سميرا کان علاوه وڌيڪ ٽن وڌيڪ ٻارن جا به سمپل ورتا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.