پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ايم ايس خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ايم ايس وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ ماٺار نه اچي سگهي، پيرا ميڊيڪل عملي طرفان پنجين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ايم ايس خلاف ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب  مريض توڙي سندن جا وارث پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا، پوليس طرفان ڳالهيون ڪرڻ جي باوجود پيرا ميڊيڪل عملي طرفان احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ايم ايس ملازمن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ چانڊڪا اسپتال طرفان پنجين ڏينهن به چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي مبينا ڪرپشن ۽ ملازمن سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ خلاف سٽي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي اکين واري شعبي ٻاهران ۽ سول اسپتال جي مُک گيٽ وٽ مظاهرو ڪري چئن ڪلاڪن تائين مسلسل علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر ضمير سانگي، جنرل سيڪريٽري منور منگي، عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاهه، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي سان دشمني ڪندي هميشه نوابشاهه مان ڪرپٽ ترين آفيسر موڪلي اتر جي سڀ کان وڏي اسپتال جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي جنهن جو رويو ملازمن سان انتهائي خراب هئڻ جي ڪري ملازمن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي..  هنن الزام لڳايو ته ايم ايس طرفان 26 ڪروڙ روپين جا ڪوڙا بل جاري ڪري مختلف خرچن جي مد ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪري پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ ملازمن کي ڌمڪائي رهيو آهي جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور ايم ايس کي عهدي تان هٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي ملازمن جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج سبب ڏورانهن علائقن مان ايندڙ مريضن توڙي سندن وارثن کي ڪالهه به سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. هوڏانهن پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج دوران وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته بک هڙتالي ڪئمپ ۾ ايس ايڇ او سول لائين عبدالغفور ڇٽو ۽ ايس ايس پي آفيس مان وقار ڀٽو پهچي پيرا ميڊيڪل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي ملازم اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايم ايس کي هٽائي سندس جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي جنهن تي کين خاطري به ڪرائي وئي پر ان جي باوجود ملازم اڳواڻن پوليس کي کتو جواب ڏيندي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايم ايس چانڊڪا اسپتال ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي طرفان ملازم اڳواڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪندي اعليٰ اختيارين ڏانهن ليٽر اماڻي ڇڏيو جتان منظوري بعد ايم ايس طرفان ملازم اڳواڻن مٿان ايف آءِ آر داخل پڻ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.