عدالت گرفتار ٽن ٺيڪيدارن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

سکر (رپورٽر) نوشهروفيروز ضلعي جي خوراڪ کاتي ۾ ٿيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جمعا خان،  عظیم آرائين ۽ منور مهر ريمانڊ لاءِ سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نيب سکر گرفتار ٽنهي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاءِ ريمانڊ جي استدعا ڪئي، احتساب عدالت ٽنهي جوابدارن کي ڇهن ڏينهن جي ريمانڊ تي نيب حوالي ڪندي 18 سيپٽمبر تي ٻيهر ٻڌڻي مقرر ڪندي طلب ڪري ورتو آهي، ٽنھي جوابدارن مٿان ڪروڙين روپين جي سرڪاري ڪڻڪ گم ڪرڻ جا الزام آهن جن کي نيب سکر پاران کين گرفتار ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.