سکر جيل انتظاميا قيدين سان گڏوگڏ اسٽاف کان به جبري پورهيو وٺڻ لڳا

سکر(رپورٽر)سينٽرل جيل ون جي انتظاميا قيدي ته ٺھيو پنھنجي اسٽاف اھلڪارن کان به جبري پورهيو وٺڻ لڳا، جيل اندر ڊيوٽي تي  ايندڙ پوليس اھلڪار کي جيل منشي پاران نادري حڪم ته تون وڃي جيل اندران گند گاھ پٽ گاھ پٽڻ دوران ناگ سپاھي کي ڏنگي وڌو ڏنڳ لڳڻ سبب سپاھي بيھوش ٿي ڪري پيو جيل انتظاميا بيھوشي واري حالت ۾ سپاهي قربان چنجڻ کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو جتي ناگ جي زھر کان بچاء واري ويڪسين نه ھجڻ ڪري سپاهي کي ڏھرڪي جي اسپتال روانو ڪيو ويو انھي سلسلي ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سينٽرل جيل ون جو اھلڪار قربان چنجڻ اڄ صبح جو جئين ئي معمول مطابق  ڊيوٽي تي جيل پھتو ته جيل جي منشي طرفان جيل اھلڪار کي نادري حڪم ڏنو ته تون وڃي جيل اندر قيدين جي باريڪن ڀرسان بيٺل گند گاھ جي پٽرائي گند گاھ جي ڪٽائي دوران گاھ اندر پھريان کان ويٺل ناگ سپاهي قربان چنجڻ کي ڏنگي وڌو جنھن سبب سپاھي قربان چنجڻ بيھوش ٿي ڪري پيو جنهن کي جيل انتظاميا سول اسپتال سکر منتقل ڪيو جتي ناگ جي زھر کان بچاء واري ويڪسين نه ملڻ سبب سپاهي کي بيھوشي واري حالت ۾ ڏھرڪي ۾ اينگرو ڪمپني طرفان قائم اسپتال روانو ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.