ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميهڙ شهر ڀرسان ٿيٻا لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار ميهڙ شهر جي پٺاڻ ڪالوني واسي نوجوان طارق پٽ نياز ڪمانگر ۽  ڳوٺ صفير لاکير جو رهواسي نويد لاکير سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. زخمي نوجوان طارق ڪمانگر جي ماروٽ زاهد ڪمانگر ٻڌايو ته طارق بئڪري جو ملازم آهي جيڪو ڪم سانگهي ڳوٺ کان ميهڙ شهر ڏانهن اچي رهيو هو ته ٿيٻا لنڪ روڊ تي سندس جي موٽرسائيڪل جو ٻئي موٽرسائيڪل سان آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.