راڄوخاناڻي پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڏوهاري گرفتار ، پستول ۽ گوليون هٿ

راڄوخاناڻي ( ن ع آ ) راڄوخاناڻي پوليس جون ڪارروايون، ايس ايڇ او عاشق حسين لنڊ جي سربراهي ۾  ھڪ خفيا اطلاع تي راڄوخاناڻي ماتلي حاجي ساوڻ مين روڊ جي بھيل اسٽاپ وٽان ھڪ چاپا مار ڪارروائي ڪري ڏوهاري ملوڪ عرف گل حسن ايواڻ کي گرفتار پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون.

گهوٽڪي ۾ تلاشي دوران 44 شڪي ماڻهو گرفتار

گهوٽڪي (ڊ ر) ضلعي گهوٽڪي ۾ امن امان جي فضا  قائم رکڻ لاءِ پوري ضلعي ۾ قانون جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ پوليس کي سختي سان حڪم جاري ڪيا ويا آهن ،حفاظتي انتظامن کي يقيني بنائڻ لاءِ پوليس کي مختلف علائقن جي گشت جاري رکڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو آهي ،مختلف ڏوهن ۾ گهربل عنصرن ۽ سماجي براين کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن جنرل هولڊ اپ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  ،ان کانسواءِ  جمعي جي نماز جي اجتماعن ۾ نمازين جي حفاظت لاءِ مسجدن ۽ امام بارگاهن تي به پوليس مقرر ڪري شڪي ماڻهن تي ڪرڙي نظر رکي وئي ، ان کان علاوه ڦورن ۽ سماجي براين خلاف ڀرپور نموني قانوني ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ،  جڏهن ته سنيپ چيڪنگ دوران 44  شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري سندس  پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.