گهوٽڪي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ نامزد عورت سميت 4 ڄڻا عاعزت بري ڪري ڇڏيا

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٽن سالن بعد ٻڌائي عورت سميت 4 ڄڻا باعزت بري ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي جي عدالت ۾ محمد مٺل مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته فريادي جي وڪيل ۽ جوابدارن جي وڪيل ارشاد علي سومرو پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد قتل جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عورت مسمات شهزادي خاتون لال محمد، دلمراد، طلب حسين مهر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته سال 2017 ۾ سرحد ٿاڻي جي حد ۾ محمد مٺل مهر قتل ٿيو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ غلام حسين مهر جي فرياد تي مقتول جي گهرواري شهزادي خاتون، سالن لال محمد، دلمراد، طلب حسين مهر مٿان سرحد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جنهن جو فيصلو گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ ٻڌائي ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.