ٽالهي لڳ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، عورت بيهوش

ٽالهي (ن ع آ) ٽالهي لڳ   ڳوٺ شيرمحمد  گرگيز ۾ گرگيز برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو،  جڏهن ته جھيڙي ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ان حوالي سان  عباس گرگيز ۽ شوڪت گرگيز پٽ انب گرگيز  صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته جوابدارن اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، فائرنگ سبب عورت پڻ بيهوش ٿي وئي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.