خيرپور لڳ ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل، نوجوان زخمي

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) شاهه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارث ڳنڀير لڳ واڻڪو ڳوٺ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ چاچي  پنهنجي ڀائٽي مٿان بندوق جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل شاهد ڦلپوٽو مٿان به فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار علي مراد ميربحر پنهنجي ڀائٽي هڪ ٻار جي ماءُ مسمات گلزار خاتون زال الهڏنو کي شاهد ڦلپوٽو سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي مٿن بندوق جا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گلزار خاتون موقعي تي قتل ٿي وئي جڏهن ته شاهد ڦلپوٽو زخمي حالت ۾ فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو،اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتوله گلزار خاتون جو لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.