لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سوشل ورڪرز طرفان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي چيف آرگنائيزر صدام حسين مغيري، سالار خان مغل، طارق سنڌي عبدالرحيم ڪورائي، سرمد حسين جوڻيجو، سهيل احمد جتوئي، شاهد علي مغل ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي گادي واري هنڌ تي وفاق طرفان مسلسل قبضي جي ڪوشش ڪندي مختلف بهانا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ واري صورتحال ۾ غائب آهن جنهن مان سندن جي نااهلي ظاهر آهي جيڪڏهن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيندا. هنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.