اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي، گهارو لڳ عورت جو لاش چنگچي ۾ کڻايو ويو

ٺٽو (رپورٽ: شبير ڀٽي )گھارو لڳ ڳوٺ عبدالعفور شيخ جي رھواسڻ پيرسن عورت جنت شيخ کي مختلف اسپتالن مان علاج  ڪرائڻ بعد مڪلي تي ھڪ خانگي اسپتال ۾ علاج لاء نيو ويو، جتي ھوء فوت ٿي ويئي،    2 ڪلاڪن تائين فوت ٿيل ٻڍڙي عورت جي لاش لاء ايمبولينس نه ملي. فوتڻ جو لاش گهاري منتقل ڪرڻ لاء ايمبولينس نه ملڻ ڪري ٻن ڪلاڪن تائين انتظار بعد سندس وارث لاش هڪ چنگچي رڪشا ۾ کڻائي روانا ٿيا تہ ٺٽي جي صحافين ۽ سماجي اڳواڻن جي مداخلت بعد ايڌي ايمبولينس گُهرائي فوت ٿيل ٻڍڙي عورت جنّت جو لاش چنگچي مان کڻائي ايمبولينس ذريعي لاش گهاري روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي فوت ٿي ويل عورت جي مڙس صوفن شيخ چيو ته  گھر واري  بيمار ٿيڻ ڪري کيس مختلف اسپتالن مان علاج ڪرائڻ بعد کيس مڪلي تي هڪ خانگي ڊاڪٽر وٽ کڻائي پهتاسون، جتي علاج دوران ٻڍڙي عورت فوت ٿي وئي، پر ٻن ڪلاڪن تائين انتظار باوجود ايمبولينس نه ڏني ويئي، جنھن بعد فوت ٿيل منھنجي گھر واري جنت کي ايمبولينس نه ملڻ ڪري چنگچي رڪشا گهرائي ان ۾ لاش کڻائي وڃڻ تي مجبور ٿياسين. ھن چيو ته ايمبولينسون اسپتالن ۾ ھجڻ باوجود غريبن کي  نه ٿي ڏني وڃي.  ، جيڪا ناانصافي آهي، هن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس ورتو وڃي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.