برساتن کان پوءِ مڇرن جو وڌندڙ آزار

ايڊيٽوريل

رپورٽون آهن ته برساتن کان پوءِ روڊن رستن گهٽين ۾ بيٺل پاڻي سبب سنڌ ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب وبائي بيمارين جو ٻيو طوفان برپا ٿيڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ڊينگي مڇر به جند ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. هلندڙ سال ۾ ڊينگي مڇر جي کاڌل بيمار ماڻهن جو انگ 767 تائين وڃي پهتو آهي. ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي موجب ڊينگي جا نوي سيڪڙو ڪيس ڪراچي مان رپورٽ ٿي رهيا آهن.

جيتوڻيڪ پ پ جي سنڌ حڪومت صحت جي حوالي سان ڪي وڏا ڪم به ڪيا آهن، نيون اسپتالون به کوليون آهن، علاج جون ڪافي سهولتون به ڏنيون آهن پر پوءِ به صحت جي مجموعي صورتحال ۽ علاج جي حوالي سان ڪارڪردگي تي مڪمل طور تي اطمينان جو اظهار نٿو ڪري سگهجي. اُن جو بنيادي سبب اهو به آهي ته اسان جي ملڪ اندر صحت به هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کي حڪومتي پاليسين ۾ “اوليت” جي حيثيت ناهي مليل ۽ ظاهر آهي ته جنهن شعبي کي اوليت تي نه رکيو ويندو تنهن ڏانهن ترجيحي بنياد تي ڌيان به نه ويندو.

اسان انهن المين تي به ماتم ڪندا رهيا آهيون ته اڄ جون حڪومتون خالص حڪومتي ۽ انتظامي جوابداريون سنڀالڻ ۾ به جوڳي دلچسپي نٿيون وٺن. عام طور تي حڪومتون چونديون آهن ته اسان کي عوام پنجن سالن لاءِ حڪومت ڪرڻ جو مئنڊيٽ ڏنو آهي تنهن ڪري اسان جي حڪومت کي ناڪام بڻائڻ يا ڪيرائڻ وارين حرڪتن کان باز اچي حڪومت تي صحتمند تنقيد ڪئي وڃي. صحتمند تنقيد مان سندن مراد عوامي مسئلا هوندي آهي جن ڏانهن مخالف ڌر يا ميڊيا کي ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ چيو ويندو آهي پر افسوس ته اهڙي تقاضا ڪندڙ حُڪومتون پاڻ به چوويهه ڪلاڪ مخالف ڌر جي بيانن جو جواب ڏيڻ تي پنهنجيون سڀ توانائيون خرچ ڪنديون آهن ۽ اصل ڪم کان لاتعلق رهنديون آهن.

جيڪڏهن اصل ڪم واري سندن ڪارڪردگي کي ڏسجي ته سوال اِهو آهي ته اها ميڊيا جي ئي آخري ذميواري ڇو آهي ته اُها حڪومتن کي مسئلن جي نشاندهي ڪري ڏي. حڪومت جو پنهنجو نيٽ ورڪ ان سلسلي ۾ ڇو مفلوج بڻيل آهي. مثال طور تي برساتون پيون، برساتن پوڻ کان اڳ يا پوءِ جيڪي ڪم حڪومتن کي ڪرڻ گهرجن ها سي ميڊيا جي اڳواٽ نشاندهي باوجود نه ٿي سگهيا يا دير سان ٿيا. اڄ ڪلهه برساتن کان پوءِ ۽ بيٺل پاڻي جي نيڪالي وارن معاملن کان پوءِ مڇرن جو پيدا ٿيل آزار جو معاملو آهي، جنهن ڏانهن صحت کاتي جو مڇرمار اسپري جي حوالي سان ڪو تحرڪ نظر نٿو اچي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته صحت کاتو اڳواٽ ۽ پاڻمرادو ئي ايڏانهن ڌيان ڏئي ۽ برساتن جي بيٺل پاڻي تي پيدا ٿيندڙ مڇرن جي خاتمي جو ڪو بندوبست ڪري ها. ماضيءَ ۾ مڇرمار اسپري جو هڪ سٺو سلسلو هوندو هو پر هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيندو وڃي ٿو. انتظاميا مڇر مارڻ لاءِ ڦوهارو تڏهن ڪندا آهن جڏهن ڪنهن علائقي مان ڪي ساڻن رابطو ڪندا آهن پر صحت کاتو پاڻمرادو ان ڳالهه جو اونو ڇو نٿو رکي ته برساتن کان پوءِ ٿيندڙ مڇرن کي ختم ڪرڻ جو بندوبست ڪجي. اهڙي ڪنهن بندوبست نه ٿيڻ جو ئي اهو نتيجو آهي ته مڇر وري وڌي ويا آهن جن سان بيمارين پکڙجڻ جو انگ به وڌڻ لڳو آهي.

ڪورونا جهڙي خوفناڪ وبا کان پوءِ صحت کاتي کي ته هونئن ئي هاءِ الرٽ هئڻ گهرجي. اڃا ڪورونا مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو ته وري ڊينگي مڇر جي ڪاهه ٿيڻ لڳي آهي. انهيءَ ڪاهه کي حڪومتي طاقت سان روڪڻ جي گهرج آهي. اسان جو خيال آهي ته صحت کاتي کي ترت ئي سڄي سنڌ ۾ مڇرمار اسپري ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم هاڻي ايمرجنسي جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي. مڇر مارڻ واري ڦوهاري کي استعمال ڪرڻ جو سلسلو هونئن به هر ٽئين مهيني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو سلسلو واقعي به هر ٽئين مهيني لازمي طور ڪيو وڃي ته صحت کاتي جي ڪارڪردگي نظر به ايندي ۽ حڪومتن مٿان بيڊ گورننس جو چُٽو به لهي ويندو.

آبادگارن کي امدادي پئڪيج ڏنو وڃي

سنڌ جي آبادگارن دانهيو آهي ته برساتن سبب سندن فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي تنهن ڪري کين امدادي پئڪيج ڏنو وڃي. رپورٽ موجب ميرپورخاص، سانگهڙ، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ مٽياري ضلعي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 70 سيڪڙو فصل تباهه ٿيو آهي. ٻوڏ جي ڪري به جيڪو فيصل جو نقصان ٿيو آهي يا ٿيندو تنهن جي ازالي لاءِ به حڪومتن کي سوچڻو پوندو. حيدرآباد ۾ آبادگارن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته برسات سبب سنڌ ۾ ٽماٽي ۽ مرچ جو فصل 90 سيڪڙو، بصر جو فصل 50 سيڪڙو، ڪمند جو 30 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي.

اسان کي آبادگارن جي پريشاني جو اندازو به آهي ته احساس به آهي. حڪومت کي به اهڙو اندازو ۽ احساس هوندو يا هئڻ گهرجي. اصل ۾ اهي يا اهڙا مسئلا درست رخ ۾ ڪم نه ڪرڻ سبب ٿيندا آهن. جيڪڏهن سنڌ اندر زراعت جو کاتو آبادگارن سان لاڳيتو لهه وچڙ ۾ هجي، موسمي ۽ برساتي حساب سان فصل تي نظر رکي ۽ ان جي امڪاني نقصان کا بچاءُ جو ڪو بندوبست ڪري ته جيڪر آبادگارن کي اهڙو مالي نقصان نه رسي. حڪومتن ۽ وزارتن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي ته اهي عوامي معاملن کي سهڻي نموني اُڪلائين پر هتي لاتعلقي ۽ اُگهور ننڊ ۾ رهڻ جو دستور آهي. هتي تڏهن اکي پٽي ويندي آهي جڏهن ايمرجنسي لاڳو ٿيندي آهي ۽ مصيبت مٿان اچي بيهندي آهي.

آبادگارن جي مالي نقصان کي ڏسجي ته سندن صدمي تي رت جا ڳوڙها هاري سگهجن ٿا. هاڻي سندن نقصان ۾ ظاهر آهي ته حڪومت کي ئي وينتي ڪبي ته نقصان ۾ سندن مدد ڪري. ڪا مالي سهائتا ڪري پر جيڪڏهن زراعت جو کاتو ٻارهو ئي هاءِ الرٽ هجي ته جيڪر فصلن کي اهڙي ڪاپاري ڌڪ کان بچائي وٺجي ها ۽ آبادگارن کي ڪنهن امڪاني نقصان کان بچائڻ جو سگهارو انتظام ڪري ڇڏجي ها پر اسان وٽ جيئن ته درست رخ ۾ ڪم ڪرڻ جي روايت ناهي رهي تنهن ڪري مسئلا ئي مسئلا عوام جو مقدر بڻجن ٿا ۽ حڪومتن کي هر وقت سندن مدد لاءِ پڪاريو وڃي ٿو سو حڪومت کي گهرجي ته هاڻي آبادگارن لاءِ ڪنهن امدادي پئڪيج جو اعلان ڪري جنهن جو اهي جائز مطالبو به ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.