پوليس ۾ ”شيخ عمر“ وارو فارمولو

نصرت جاويد

هي هفتو شروع ٿيندي ئي مون آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته لاهور پوليس جي حتمي ڪمان جناب عمر شيخ جي حوالي ڪئي پئي وڃي. پوليس سروس جا ڪجھه آفيسر ان جي مقرري مان خوش ناهن. انهن جي واٽس ايپ گروپن ۾ ان بابت وڏي هلچل مچائي پئي وڃي، پر شيخ صاحب جي مقرري رڪجي نه سگھندي. اڱاري جي ڏينهن آخرڪار هو ڪامياب ۽ ڪامران رهيو. ان جي مقرريءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي خواهشمند انسپيڪٽر جنرل پوليس کي پنهنجي عهدي تان ئي هٿ ڌوئڻو پيو. ان جي جاءِ تي انعام غني صاحب آيو آهي. لاهور پوليس جو ايڊيشنل آءِ جي ان مقرري مان ڪاوڙيل آهي. نئون آءِ جي سروس ۾ گذاريل وقت جي بيناد تي ان جو “جونيئر” آهي. دفتري ترتيب تي ٻڌل روايتن جي ڪري “سينئر” پنهنجي ڪنهن “جونيئر” جي ماتحت ڪم ڪرڻ مناسب ناهي سمجھندو. پنجاب جي وڏي وزير کي ان ڪري هن درخواست لکي ڏني آهي ته ان جي بدلي ڪئي وڃي. عمر شيخ صاحب عهدو سنڀاليندي ئي ڄڻ هڪ نه ٻن آفيسرن کي “کُڊَي لائن” لڳرائي ڇڏيو آهي. ثابت ٿي ويو ته ان جو “ڪِلو” ڏاڍو مضبوط آهي. “جيڪو به رستي ۾ ايندو” آخرڪار پشيمان ٿي ويندو.

“ڪِلي” جي ڳالهه نڪتي آهي ته تسليم اهو به ڪرڻو پوندو ته هي صرف عمر شيخ صاحب جو ئي نه پر اٽڪ کان رحيم يار خان تائين پکڙيل آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي وڏي وزير جناب عثمان بوزدار صاحب جو ڪِلو به ڏاڍو ئي مضبوط آهي. “ تخت لهور” تي ويٺَي کيس صرف ٻه سال ئي گذريا آهن ۽ انهن ٻن سالن ۾ هن پنج آءِ جي بدلي ڪيا. اسان وٽ “گڊ گورننس” آڻڻ جي مشن تي پاڻ مرادو مقرر ڪجھه اصول پسند صحافي ان جي باري ۾ ڏاڍا پريشان ٿي رهيا آهن. ياد ڏياري رهيا آهن ته آءِ جي پوليس نالي هڪ “منظم” اداري جو حتمي ڪمانڊر هوندو آهي. ان کان “ڊليوري” جو مطالبو ڪندي سياسي حڪمرانن کي ان جي “خودمختياري” جو احترام ڪرڻ گھرجي. ان کي اهو “اختيار” هر صورت ۾ مهيا هجي ته پاڻ طئه ڪري ته ڪهڙي آفيسر کي ڪٿي لڳائي، امن امان کي يقيني بڻائڻو آهي. ان کان سواءِ “Tenure” وغيره جو ذڪر به ٿي رهيو آهي. ان جي بنياد تي فرض ڪيو ويندو آهي ته آءِ جي پنهنجي عهدي تي گھٽ ۾ گھٽ ٽن سالن تائين قائم ۽ دائم رهندو.

اهي سال ان کي ڊگھي مدي وارن بنيادن تي ڪجھه منصوبا سوچڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جي سهولت کي يقيني بڻائيندا آهن. “قبضه گروپن” جي مبينه طور سرپرستي فرمائيندڙ “چور ۽ لٽيرا” سياستدان ان جي ڪري پنهنجي “اوقات” ۾ رهندا آهن. اهي آءِ جي کي پنهنجي لاڳاپن جي روب ۾ “تبديل” ڪرائڻ جي ڌمڪي ناهن ڏيندا. ان کي مجبور ناهن ڪندا ته “منهنجي تڪ” ۾ فلاڻي آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. انهن جي حلقن ۾ موجود ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي ڪنهن ميمبر جي “اوطاق” تي حاضريءَ جي مجبوري ناهي هوندي. اهو چاهي ته سندن فون به نه کڻي. پنهنجا فرض ڪتابن ۾ لکيل قاعدن جي عين مطابق نڀائيندو رهي.

وطن عزيز ۾ “گڊ گورننس” قائم ڪرڻ جي مشن تي پاڻ مرادو مقرر منهنجا ڪيترا ئي احترام جوڳا ۽ ڪجھه عزيز ترين دوست Tenure يا عهدي جي مدي بابت فرياد ڪندي اها حقيقت وساري ڇڏيندا آهن ته پوليس سروس جي جن قاعدن ۽ ضابطن بابت اهي فرياد ڪندا رهندا آهن اهي حقيقت ۾ برطانوي حڪمرانن پنهنجي دور ۾ متعارف ڪرايا هئا. حتمي مقصد انهن قاعدن ۽ ضابطن جو اسان جي دلين ۾ “غلامي” کي عادت جي صورت ڏيڻ هو. عام ماڻهو ته پري جي ڳالهه آهي “درٻار” ۾ ڪرسي تي ويٺل “اشراف” به هر وقت ان حقيقت کان آگاهه رهيا ته پوليس جي وردي ۾ ملبوس ڪو “ اهلڪار” صرف هڪ فرد نه،  حقيقت ۾ “سرڪار” جو نمائندو آهي. ان جي حڪم جي هر صورت ۾ تعميل ٿئي. نه ته “سرڪاري ڪم ۾ مداخلت”  جي الزام هيٺ پڪڙجي پوندؤ.

انهن قاعدن ۽ ضابطن کي اڄ جي پاڪستان خاص طور تي پنجاب ۾ ڏاڍي شدت سان لاڳو ڪيو ويو هو. ان جي ڪري “پنجاب پوليس” صرف ان صوبي ۾ ئي نه پر پوري برطانوي هند ۾ به ڏاڍي “دبنگ” سمجھي ويندي هئي. سياست جي بهاني “شرپسندي” پکيڙيندڙ ان کان ڊنل رهندا هئا. عطاءُ الله شاهه بخاري جهڙن حريت پسندن کي ان جي ڪري اڌ عمر جيل ۽ اڌ عمر ريل ۾ گذارڻي پئي هئي.

برطانوي دور جي قاعدن ۽ ضابطن کي احترام ۽ حسرت مان ياد ڪندي، اسان اڪثر اها حقيقت به نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون ته هن جيڪا “گڊ گورننس” مبينا طور فراهم ڪئي هئي اها پنجاب جي ورهاڱي دوران ٿيل وڳوڙن ۾ ڪنهن ڪم نه آئي هئي. ان کان اڳ پاڪستان قائم ٿيڻ واري پنجاب جا سمورا وڏا شهر ڪيترن ئي مهينن تائين ڀوائتن وڳوڙن جي وڪڙ ۾ رهيا. لکين گھر سڙيا هئا. هزارين عورتن کي اغوا ڪري  انهن جي لڄ لٽي وئي. هٿ ٺوڪي گڊ گورننس تي ٻڌل “لوهي ڍانچو” (Steel Frame) ان دوران بي وس تماشائي حالت ۾ تبديل ٿيل نظر آيو، پر اسان سادن پاڪستانين انهن ڀوائتن وڳوڙن مان ڪو سبق نه سکيو. نسلن کان “Unionist” رهندڙ سياستدان پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ “مسلم ليگي” ٿي ويا. انهن کي اقتدار نصيب ٿيو ته عوام ۾ ان ئي “غلامي” کي هر صورت ۾ برقرار رکڻ لاءِ بضد رهيا جنهن کي برطانوي حڪمرانن پنهنجي داٻي جي بنياد تي اِنجيڪٽ ڪيو هو.

پاڻ کي “لاٽ صاحب” سمجھندڙن پوليس کي دهشت جي علامت بڻائي رکيو. ان کي پنهنجي سياسي مخالفن خلاف ڪوڙا پرچا ڪٽڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. پوليس جو هڪ مشهور آفيسر قربان علي شاهه به هوندو هو. هن چونڊن ۾ هڪ ٽيڪنڪ متعارف ڪرائي هئي. مون هوش سنڀاليو ته لاهور جو “لاٽ صاحب” ڪالا باغ جو گورنر امير محمد خان هوندو هو. 1958 ع جي “انقلاب” کانپوءِ اقتدار سنڀاليندڙ فيلڊ مارشل ايوب خان ان کي موجوده پاڪستان کي “اولهه پاڪستان” جي “ون يونٽ” ۾ سمائي ان صوبي جو گورنر لڳايو هو. هو هر ضلعي جي ايس پي کي ذاتي طور تفصيلي انٽرويو وٺڻ کانپوءِ مقرر ڪندو هو. لاهور ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪڏهن ڪو جلسو ڪرڻ جي جرئت ڏيکارينديون هيون ته انهن جا جلسا پوليس جي پاليل غُنڊن جي مدد سان “ويڙهيا” ويندا هئا. لاهور کي “قابو” ۾ رکڻ لاءِ انهن جو من پسند آفيسر ڀڪر جو اصغر خان هوندو هو.  کيس اسين شاگرديءَ واري زماني ۾ “هلاڪو خان” سڏيندا هئاسين، پر ان جهڙا “هلاڪو خان” امير محمد خان ۽ پوءِ ايوب خان جو زوال روڪي نه سگھيا.

لاهور پوليس بابت سمجھيون ويندڙ ڪهاڻين جا انبار منهنجي ذهن ۾ موجود آهن. ڪالم لکڻ جي رواني ۾ انهن کي ياد ڪندي اصل موضوع تان هٽي ويندو آهيان. صبح اٿي قلم کڻڻ کانپوءِ ارادو صرف توهان کي ياد ڏيارڻ جو ڪيو هو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ “تبديلي” اچي چڪي آهي. عمران خان صاحب برطانوي حڪمرانن جي متعارف ڪرايل “گورننس” جو متبادل ڪجھه اصولن جي صورت ۾ ڳولهي ورتو آهي جيڪي هن پنهنجي پاران “ رياست مدينه” بابت ڳوليا آهن. عثمان بوزدار کي آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ انهن اصولن کي لاڳو ڪندي پنجاب کي آخر ڪار “ گڊ گورننس” جو حتمي ماڊل بڻائڻو آهي.  هو “آهستي آهستي” ان مشن تي عمل پيرا آهي. عمران خان صاحب کي ان جي ايمانداري ۽ سچائي تي مڪمل اعتبار آهي. هو هر هفتي به پنهنجو آءِ جي تبديل ڪرڻ چاهي ته ان کي ڪير روڪي نٿو سگھي.

بنيادي مسئلو اهو به اٿي بيٺو آهي ته گذريل مهيني جي شروعات ۾ نواز شريف جي نياڻي محترمه مريم نواز صاحبه کي نيب جي لاهور آفيس ڪجھه قيمتي زمينن جي خريداري بابت اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ “طلب” ڪيو هو. مون ۽ توهان جهڙن عام شهرين جيان ڪنڌ جھُڪائي نيب جي آفيس پهچڻ بدران هوءَ پنهنجي حامين جي جلوس سان جاتي امرا مان رواني ٿي. ان جي ڪري “ پُلس مقابلو” ٿيو. هنگامو ايڏو وڌيو جو نيب وارن گھٻرائجي محترمه کي آگاهه ڪيو ته طلبي گھربل ناهي. لاهور ۾ ٿيل ان واقعي کي “رياست جي رِٽ” هر صورت ۾ قائم ڪرڻ جي لڳاءُ ۾ مبتلا وزيراعظم ۽ ان جي ويجھن صاحبن کي وڏي چڙ ڏياري. وڏي سوچ ويچار کانپوءِ طئي اهو به ٿيو ته شهباز شريف پنهنجي ڏهن سالن واري اقتداري دور ۾ پنجاب پوليس کي پنهنجي “چمچن” سان ڀري ڇڏيو آهي، ان ڪري “گڊ گورننس” جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ “عمر شيخ فارمولا” جي باني جي چونڊ ٿي. لاهور ۾ اهو فارمولا هاڻي هر صورت ۾ آزمايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.