سنڌ ۾ سرداري جو مطلب ڇا!

نذير سومرو

بدقسمتي” لفظ شايد هن ڳنڀيرتا کي ظاهر نه ڪري سگهي جيڪا هن وقت سنڌ اکئين ڏسي رهي آهي. سنڌ جي ڇٽيهه لکڻي پٽ لطيف سائين “لکين چُهٽيس لوهڻيون” سهڻيءَ لاءِ لکيو هو پر سنڌ هن وقت سهڻيءَ جي شڪل وٺي “لکين چهٽيس بيماريون” واري ڏک پيئي ڏئي. وفاقي حڪومت جيڪا ڪڏهن به صوبن جي حال ڀائي نه رهي آهي، وڌيڪ ڀيانڪ روپ اختيار ڪري چڪي آهي جيڪو روزانو جي بنياد تي بدصورت ٿيندو پيو وڃي. “امپورٽيڊ” مذهبي انتها پسندي گهر گهر جو ناسور بڻيل آهي پر اڄ جنهن بيماريءَ تي زوران زور بحث جاري آهن ان جو نالو آهي سرداري. هتي سوال اهو آهي ته اها بيماري يڪدم ناسور ڇو بڻائي ويئي آهي. ڇا هي سڀ ڪجهه پنهنجي ليکي پيو ٿئي. نه ڪڏهن به نه. فلم جي ڪهاڻي لکندڙن اهو بحث ڀلي هاڻي هيٺ لاٿو آهي پر اها آگ پراڻي لڳايل آهي.

دنيا جو بادشاهه ڏهه پنڌرنهن سالن کان پوءِ “نيو ورلڊ آرڊر” جاري ڪندو آهي جنهن جا اثر دنيا جي هر ملڪ جي هر شهر جي هر گهٽيءَ تائين نظر ايندا آهن. اوڻويهه سو ستهتر ۾ پهرئين چونڊيل وزيراعظم کي رات جي انڌيري ۾ مارڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو جيئن ته هن ڪا مزاحمت نه ڪئي تنهنڪري ان کي رڳو ڪرسيءَ تان هٽايو ويو ۽ يارنهن سالن جي ڪاري رات جي شروعات ڪئي ويئي. ان ڪاري رات ۾ سنڌين سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو. ان رات جي خالق جي لڳايل باهه اڃان هر گهر جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ٻرندڙ آهي، جيڪا ملڪي عوام کي ساڙيندي رهي ٿي. ان باهه ۾ هڪ بُنڊي سرداري نظام جي به آهي جنهن کي هر حڪمران سوريندو/وڌائيندو رهيو آهي.

هڪ نئين ورلڊ آرڊر موجب مشرف کي آندو ويو جنهن چيو ته سڀ سنڌي نااهل آهن. هن همراهه ان ڪاريءَ رات ۾ سرداريءَ جي ٻاٻري بُنڊيءَ کي وڌيڪ ساڙيندڙ بڻائڻ لاءِ ضلعي حڪومت جهڙو بڇڙو نظام تخليق ڪيو. جنهن جا ٻه وڏا مقصد هئا هڪ ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان انتظامي طور الڳ ڪري اڳتي هلي صوبي جي حيثيت ڏيڻي هئي ٻيو ته بقايا سنڌ کي وحشي درندن وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏڻو هو جيڪو هڪ اشاري تي سنڌين کي ڪُٽي سَٽي پنهنجي غلاميءَ ۾ رکي ۽ سنڌي فلم لکندڙ جي مٿي جو سور نه بڻجن. دنيا ڏٺو ته وڏيرن اهو اهڙيءَ ريت ڪري ڏيکاريو جو “شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار” جملو پاڻ تي ناز ڪرڻ لڳو. پوليس جي ٻڌي ڇوڙيءَ کان وٺي بجلي ڪنهن کي ڏجي، ڪنهن جي بند ڪجي تائين فيصلا اهي “ناظم هائوس” ڪندا رهيا. جڏهن سولر به ڪونه هو، جنريٽر به عام ڪونه هئا تڏهن جون جولاء جي رمضان ۾ پنڌرنهن پنڌرنهن ڏينهن بجلي بند ڪري نوڪريء جو حق ادا ڪيو ويو. هنن لاءِ مٿي جو سور بڻيل سنڌي قوم کي ننڊ ۾ ڇرڪ ڀرايا ويا. اهي ناظم جڏهن “لٽي ڦُري آيا خير سان” واري نعري سان گهر پهتا ۽ ماڻهن پنهنجي زمينن ۽ گهرن جا کاتا سنڀاليا ته اهي وڏيرن جي حق ۾ بدلايل هئا.

هاڻي وري گهر گهر اهڙا بحث ڪرائي سنڌ جي قسمت هڪ دفعو وري انهن درندن حوالي ڪرڻ جا سانباها آهن. سنڌ جي وڏيرڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي پنهنجي جوهر ۾ انسان دشمن، ويڪائو، موقعي پرست رهيا آهن. اهي سڀ انگريزن جا وفادار هئا ۽ جڏهن عوام قربانيون ڏيئي پنهنجا ٻچا ڪهائي رهيو هو ته هي مخبري ڪري ماڻهو مارائيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جاگيرون عطا ٿيون. جڏهن ملڪ مان انگريزن کي تڙي ڪڍيو ويو تڏهن هنن ساڳين درندن ٺڳي ڪري ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ ضمير وڪڻي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا. هي پنهنجي راڄ (جنهن کي هو رڍ ٻڪريءَ کان وڌيڪ حيثيت نه ڏيندا آهن ۽ راڄ جو ماڻهو جيتامڙو هوندو آهي) کي ٽڪرن/پاڙن ۾ ورهائي انهن جا چڱا مڙس مقرر ڪري رياست اندر رياست قائم ڪندا آهن. بلڪل اسٽيٽ وانگر وزيراعظم (سردار) وڏا وزير، ڊي سي، ايس پي، تپيدار سڀ هوندا آهن فرق رڳو اهو هوندو آهي ته انهن جا نالا ٻيا هوندا آهن. اوهان کي مشاهدو ڪرڻو هجي ته “راڄ” جي ٻن ڌرين جو فيصلو ان “سردار” وٽ ٿيندي ڏسو. اوهان کان فرعون وسري ويندو. انهن پاران ڪا ڳالهه هڪ دفعو ٿي ته اها ڄڻ ڪي پٿر تي ليڪ نڪتي.

سياسي طور اهي سدائين رات جي اونداهيءَ ۾ فيصلا ڪندا آهن ته فلاڻي کي ووٽ ڏيڻو آهي، فلاڻي کي نه، جيڪو وري راڄ کي بنا ڪنهن بحث جي مقدس فيصلو سمجهي قبول ڪرڻو آهي. فلاڻي خان کان سواءِ ڪنهن کي اليڪشن ۾ بيهڻ جو اختيار ڪونهي. اهي سردار/وڏيرا وري اندر ئي اندر هڪ ٻئي سان ايترا ٻڌل هجن ٿا جو جڏهن اقتدار لاءِ اي بي سي پارٽيءَ جو فيصلو ٿئي ٿو ته سڀ ئي ان اي بي سي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ٻئي لاءِ راهه هموار ڪن ٿا. ان کي اتي قبوليت ڏيارين ٿا ۽ گڏجي جاوا ڪن ٿا. انهن جي هٿ جي صفائيءَ جو ڪمال آهي جو عام ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ اڻپڙهيل جي فرق کان سواءِ هن نظام کي ذهني طور ايترو قبول ڪري چڪا آهن جو گهڻا ئي سوشل ميڊيا تي ڪنهن پوسٽ تي ڪمينٽس ۾ عجيب غريب دليل ڏيئي هن نظام جي حق ۾ ڳالهائين پيا.

هڪ ٻي ڳالهه جيڪا خرابيءَ جو هڪ قدم اڳتي آهي ته ذات/قبيلي کي قوم جو نالو ڏيئي ذهنن ۾ ڪوڪي وانگر ٺوڪيو پيو وڃي. ڪجهه مهينا اڳ ڪنهن قبيلي جي ماڻهوءَ کي نام نهاد سردار قتل ڪرايو جنهن جي خبر سوشل ميڊيا تي هلي. اتي ڪنهن ڪمينٽ ۾ ان سردار لاءِ رڳو ايترو لکيو ته هن کي سزا ملڻ گهرجي تنهن تي ان قبيلي جي هڪ ماڻهوءَ لکيو ته هي اسان جو قومي مسئلو آهي تون ڪير ٿيندو آهين اهڙا ڪمينٽ ڪرڻ وارو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.