پنجاب ۾ من پسند آءِ جي واري مقرري ۽ پوليس ۾ بغاوت جو خطرو

دوست حفيظ چنا

پي ٽي آءِ حڪومت جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ پنجاب جو پنجون آءِ جي سيٽ سنڀالڻ لاءِ سندرو ٻڌي رهيو آهي، ڇو ته پنجاب پوليس تازو تبديل ڪيل آءِ جي شعيب دستگير جي اهڙي تبادلي تي نا خوش آهي، پنجاب پوليس جي آفيسرن جي ردعمل مان بغاوت جي بوءِ واضح ٿئي ٿي .

پنجاب سميت ملڪ ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن مان بهتر ڪارڪردگي پيش نه ڪرڻ جي الزام هيٺ آفيسرن جون تبديليون موجوده حڪومت  جي ناڪامي چئون يا انھن آفيسرن جي نا اھلي . ڪٿي ته ڪو مسئلو آھي،  “ وٽ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ڦير آهي”  انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب شعيب دستگير کي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ۽ خراب ڪارڪردگيءَ  جي الزام ۾ پنهنجي عهدي تان هٽائي، سندس جونيئر  ايڊيشنل آءِ جي پوليس پنجاب انعام غني کي نئين آءِ جي طور چارج ڏني وئي آهي، ان پٺيان اصل سبب ڪهڙا آهن، جهڙي نموني ٻن ٽن ڏينهن کان ان تبديليءَ کي پيش ڪيو پيو وڃي  حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

حقيت اها آهي ته سي سي پي او لاهور  عمر شيخ ۽ آءِ جي شعيب دستگير ۾ اڻبڻت ڪجهه عرصي کان هلندڙ هئي، آءِ جي کي شڪايت هئي ته سي سي پي او لاهور کي هڪ ته منهنجي مشاورت بنا مقرر ڪيو ويو آهي، ٻيو ته هو فيصلا پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڪري، سي سي پي او لاهور عمر شيخ وزيراعظم جي آشيرواد سان مقرر ٿيل هو ۽ سندس موقف هئو ته منهنجي پروموشن ۾ آءِ جي صاحب مخالفت ڪئي هئي، مون کي عمران خان مقرر ڪيو آهي، آءُ ان کي جوبده آهيان، ته پوءِ آءِ جي، جي ڳالهه ڇو مڃان، بحرحال آءِ جي ۽ سي سي پي او جي ان جنگ ۾ آءِ جي کي پنهنجي عهدي تان هٿ ڌوئڻو پيو.

آءِ جي، تجويز ته صوبا ڪندا آهن پر مقرري جو اختيار وفاق وٽ هوندو آهي، ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت پنجاب ۾ نئين مقرر ڪيل آءِ جي انعام غني کي سنڌ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان اهو چئي ان سفارش کي رد ڪيو هئو ته انعام غني ڪرپٽ پوليس آفيسر آهي، پر هاڻي اهڙو ڪهڙو جادو ٿيو جو انعام غني راتو رات ايماندار آفيسر بڻجي ويو.

ذريعن جي مطابق انعام غني وزير اعليٰ سردار عثمان بوزدار جي آشيرواد سان مقرر ٿيوآهي، يعني سي سي پي او لاهور وفاق جو من پسند ۽ آءِ جي پنجاب حڪومت پنجاب جو من پسند مقرر ٿيڻ سان قصو سنڌيءَ جي ان محاوري جيان “ ڏوئي ڍڪڻ گهه ” ٿي ويو.

اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وزير اعليٰ پنجاب جي اهڙي سفارش وزيراعظم عمران خان ڪيئن مڃي هوندي ؟ ان جا ڪجهه سبب اهي آهن ته انعام غني ڏکڻ پنجاب سرائڪي بيلٽ يعني عثمان بوزدار جي اباڻي تڪ ڊي جي خان ۾ آر پي او رهي چڪو آهي ۽ بوزدار صاحب سان ويجهڙائپ حاصل ڪري چڪو هئو، ٻيو ته وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته انعام غني کي شهباز شريف دور حڪومت ۾ ڏهن سالن تائين پنجاب مان بي دخل ڪيو ويو هئو، شايد اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو ته اهو شخص ن ليگ خلاف بهتر انتقامي ڪاروائي ڪري سگهي ٿو ته پوءِ يقينن هڪ ايماندار پوليس آفيسر به ٿي چڪو هوندو ، معنيٰ ته واشنگ مشين مان ڌوپي جو نڪتو.

سي سي پي او لاهور عمر شيخ ۽ آءِ جي شعيب دستگير ۾ تلخي شروع ٿيڻ جو اصل ڪارڻ ته ڪو به ٿي سگهي ٿو پر، آءِ جي طرفان ان کي ملڻ لاءِ 3 ڏينهن پيغام موڪليا ويا پر سي سي پي او ان سان اهو چئي نه مليو ته آءِ جي منهنجي مقرريءَ سان اختلاف ڪيو هو، منهنجو پروموشن عمران خان ڪيو آهي، آنءُ ان جي ڪنهن به حڪم جي تعميل نه ڪندس، آنءُ صرف وزيراعظم عمران خان کي جوابده آهيان. هن آءِ جي، جي ڪنهن به حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ فيصلا پاڻ يا وفاق جي مشاورت سان ڪرڻ لڳو هئو.

ٻئي پاسي عمران خان کي اهو به ٻڌايو ويو ته آءِ جي پنجاب شعيب دستگير جو جهڪاءُ ڪجهه مسلم ليگ ن طرف آهي، هڪ ڪارڻ اهو  به ٿي سگهي ٿو ته شعيب دستگير کي پنهنجي عهدي تان هٽائڻ ۾ دير نه ڪئي وئي.

شعيب دستگير جي هٽائڻ واري ان فيصلي تي پنجاب پوليس جي سينيئر آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچيل آهي، آفيسرن جو وڏو انگ شعيب دستگير جي حمايت ۾ آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ اهو  هڪ ٻيو  جهيڙو ٿيڻ جا خدشا آهن، يا کڻي ائين چئجي ته بغاوت جي بوءِ محسوس ٿئي ٿي.

بحرحال ٻن سالن ۾ پنجاب ۾ 5 چيف سيڪريٽريز، 5 آءِ جي، 3 وزير اطلاعات، 4 چيئرمين ايف بي آر، 9 سيڪريٽري هاير ايجوڪيشن ڪميشن، 4 چيئرمين بورڊ آف انويسٽمنٽ، 3 سيڪريٽري خزانه ، 3 وزير انڊسٽري ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا تبادلا ڪيا ويا آهن پر ڪارڪردگي عوام سا مُنهن آهي. ان کان علاوه ٻن صوبن ۾ جهڙوڪه سنڌ ۾ پڻ آءِ جي، جي مقررين ۽ بدلين تي تقرار وقت به وقت هلندو رهيو آهي ، خيبر پختون خواھ ۾ پڻ بھتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ جي الزام ۾ ٽي آءِ جي تبديل ڪيا ويا آھن .

انهن سمورين تبديلين سان جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي آهي ته پوءِ ته اهي تبديليون درست آهن ، جيڪڏهن نه ته پوءِ آفيسرن جي چونڊ ۾ حڪومت جي ناڪامي صاف ظاهر ثابت ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.