عورتن سان وڌندڙ جنسي ڏاڍاين جا واقعا

اشرف لاريب

اسان جي معاشري ۾ هميشه ڪمزور عورت ئي مردن جي هوس جو نشانو بڻي آهي، ڪيترائي هراس ڪرڻ وارا واقعا رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن، ان جو تازو مثال لاهور جي سپر هاءِ وي تي هڪ عورت پنهنجي معصوم ٻارن سان ڪيڏانهن وڃي رهي هئي ڪار جو پيٽرول اوچتو ختم ٿي وڃڻ تي اڪيلي سنسان روڊ تي هن ظالم  معاشري ۾ عورت کي ٻارن سان اڪيلو ڏسي مردن جي  گروهه اڌ رات ان کي معصوم ٻارن جي سامهون حوس جو نشانو بڻايو، اها خبر نه صرف اسان جي ملڪ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي پر اليڪٽرانڪ.پرنٽ ميڊيا تي غم ۽ غصي جي لهر پيدا ڪري ڇڏي،ان کان علاوه انهي هفتي ۾ ڪراچي ۾ پنجن سالن جي هڪ معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪري کيس هوس جو نشانو بڻائي ٻارڙي کي گند ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪرڻ وارو لونءِ ڪانڊريندڙ واقعو اڃا وسريو ئي نه هو ته مٿان اهو لاهور ۾ رهندڙ عورت سان جنسي ڏاڍائي واري واقعي انسانيت تان ويساهه کڻائي ڇڏيو آهي ان ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ هر عورت پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهي آهي.

انهن تازن واقعن کان علاوه ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا هاڻي روز مره جو معمول بڻجي ويا آهن انهن ظالم درنده صفت مردن ڪيترن ئي کلندڙ گلابن کي سنگهي حوس جو نشانو بڻائي هميشه لاءِ ڪومائي انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن قاتلن مان ڪيترائي قاتل سر عام گهمي ڦري رهيا آهن ،ڪيترن قاتلن تي ايف،آءِ آر به داخل ڪرائي نه ويندي آهي. ڪيترائي والدين پنهنجي خاندان ،عورتن،ٻارڙين جي عزت کي بچائڻ خاطر اهڙا واقعا لڪائي ڇڏيندا آهن .اڄ به اسان جي معاشري جي ڪمزور عورت مظلوم آهي، ايتري تائين جو اسان جون پڙهيل لکيل عورتون به مظلوميت جو شڪار ٿي قتل ٿين ٿيون جنهن جي قتل کي پر اسرار بڻايو وڃي ٿو،جيئن تازو ڊاڪٽر ماها جو ڪيس پراسرار بڻيل آهي،هوءَ به محبت جي نانءُ تي مشهور ٿي ،هن نياڻيءَ جو آخر ڪهڙو قصور هو؟ نڪاح جي پاڪيزه ٻنڌڻ ۾ هوءَ ڇو نه ٻڌجي سگهي ؟ اسان جي معاشري ۾ نڪاح ايترو ڇو مشڪل عمل ٿي ويو آهي؟

اهو قصو هڪ عورت  يا هڪ ننڍڙي نياڻي جو  نه آهي پر اسان جي معاشري ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي معصوم ننڍڙيون پريون ۽ ڪيتريون ئي ڳاڙهيون ڪنواريون بي رحميءَ سان ڪاريون ڪري ماريون وينديون  آهن. ڪاريون ڪري ماريل عورتن جي قاتلن کي موت جي سزا ٻڌي آهي،ڪيترائي ڪيس رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن.

غيرت لفظ جي نالي سان اهڙيون ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آهن ۽ اهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال ايندو آهي ته غيرت لفظ ڪهڙي ٻولي مان ورتل آهي. اهو لفظ ڪهڙي مذهب يا ڪهڙي پاڪ ڪتاب مان ورتل آهي. اسان جي پاڪ قرآن ۾ ڪٿي به غيرت يا ان سان جڙيل ڪو به اهڙو لفظ موجود ڪو نه آهي. بلڪ اسان جي مذهب، دين اسلام ۾ بار بار اهو واضح بيان ٿيل آهي ته، هميشه انسانيت جو قدر ڪريو انسانيت سان پيار ڪريو.عورتون به انسان آهن انهن کي به تحفظ ۽ عزت جي ضرورت آهي، جيڪي مرد محبت جي فريب ۾ عورتن سان زيادتيون ڪن ٿا موبائل ذريعي بليڪ ميل ڪري عورتن جي تذليل ڪري قتل ڪن ٿا، انهن سڀن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي. ڪاروڪاريءَ ۽ جنسي ڏاڍائين ۾ ملوث مجرمن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي  ته جيئن آئينده ڪير به  معصوم نياڻين تي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ،جيڪي ظالم غيرت جي نالي سان معصوم عورت کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث هجن انهن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي .ڇاڪاڻ ته عورت ئي تمام رشتن کي قائم رکندڙ رب پاڪ جي نعمت آهي ۽ معصوم ننڍڙيون پريون هن ڌرتيءَ جي سونهن آهن  انهن کي ائين ناحق قتل ڪري ضايع نه ڪيو وڃي.

پاڪستان توڙي سنڌ ۾ جنسي ڏاڍائين وارا وڌندڙ واقعن پوري ملڪ ۾ رهندڙ شهرين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان کان علاوه اخبارن جي زينت بڻجندڙ اهي واقعا پنهنجي ملڪ جي بدناميءَ جو باعث بڻجي رهيا آهن، ان سان گڏ پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين عورتن ۽ ٻارڙين تي  نفسياتي طور خراب اثر پيو آهي عورتن جو اعتماد هڪ ڀيرو ٻيهر آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي ، اچو ته  ان تي سوچيون !!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.