سنڌ جون 5 وڏيون اسپتالون سوئي گيس ڪمپني جون ڪروڙن جون قرضي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار جي انتظامن هيٺ هلندڙ 5 وڏيون اسپتالون سوئي سدرن گيس ڪمپني جون 3 ڪروڙ 93 لک 42 هزار 381 رپين  جون قرضي ٿي ويون. گيس ڪمپني پاران اسپتالن جي انتظاميا ڏانهن آخري نوٽيس جاري ڪري بِل جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. گيس انتظاميا موجب اين آءِ سي ايڇ اسپتال انتظاميا 52 لک 61 هزار 37 رپين ۽ لياري جنرل اسپتال 22 لک 2 هزار 386 رپين جو بِل ادا نه ڪيو آهي. ٽراما سينٽر ڏانهن 2 ڪروڙ 78 لک 28 هزار 664 رپيا، سنڌ گورنمينٽ نارٿ ڪراچي ڏانهن 26 لک 32 هزار 370 رپين جو بل رهيل آهي. سئي گيس انتظاميا سروسز اسپتال ڏانهن به 33 لک 98 هزار 122 رپيا جون رهتون ڄاڻايون آهن. سوئي گيس ڪمپني جي انتظاميا پاران اسپتالن جي انتظاميا ڏانهن ڌار ڌار اماڻيل نوٽيسن ۾ کين سختي سان هدايت ڪئي آهي ته 15 سيپٽمبر تائين بِل جمع ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سندن ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.