قائد اعظم جي فرمانن تي عمل ڪري ڪامياب قوم بڻجي سگهون ٿا: صدر عارف علوي

ڪراچي(رپورٽر) صدر عارف علوي عوام کي چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جي فرمانن تي عمل ڪري  هڪ ڪامياب قوم بڻجي  سگهون ٿا.  پاڪستان جي باني جي 72هين ورسي جي موقعي تي صدر عارف علوي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  جهڙي ريت اسان جي قوم ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني آهي هي اسان جي عزم جو ثبوت آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۽ انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن مان ٻيون قومون به سکي سگهن ٿيون. صدر عارف علوي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي قائد اعظم جي اصولن لاءِ پنهنجي عزم جي واڌ جي ضرورت آهي.مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي .هڪ ويڊيو پيغام ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته اسان جي لاءِ ڏاڍو ضروري آهي ته اسان پاڪستان جي باني جي آزاد ملڪ جي تصور جي تجديد ڪيون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.