بدين ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا جي بک هڙتال

بدين ( ڊ ر)بدين ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ايوان صحافت بدين اڳيان علامتي بک هڙتال، تفصيل موجب بدين جي ايوان صحافت اڳيان  سنڌ سڀا ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران پراسرار نموني کنڀي گم ڪيل بدين مان شادي خان سومرو. ٽنڊو باگو مان ڊاڪٽر آيت الله جروار. گولاڙچي مان محفوظ نوتڪاڻي ۽ ٻين جي آزادي لاءِ جسقم اڳواڻ شاھنواز. سماجي اڳواڻ انعام سنڌي. وڪيل رزاق سومرو. محمد خان آريسر. ۽ ٻين پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدين سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ھنن چيو ته به نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو آهي اگر ڪو انھن جو  ڏوھ آهي ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ھنن چيو ته پراسرار نموني گم ڪيل نوجوان جي گهرن ۾ ڪھرام متل آهي ھنن چيف جسٽس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پراسرار نموني گم ڪيل نوجوان فوري آزاد ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.