ملير ضلعي جي 21 روينيو ملازمن خلاف ڪرپشن الزام هيٺ ڪارروائي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ سرڪار روينيو کاتي ۾ ڪرپٽ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، عدالتي حڪمن باوجود سياسي پٺڀرائي سبب 5 کان 18 سالن تائين هڪ ئي پوسٽ رهندڙ  اي سي ۽ مختيار  ڪارن سميت 21 آفيسرن ۽ ملازمن کي عهدن تان هٽايو ويو، ذريعن موجب بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر  قاضي شاهد پرويز جي هدايتن کانپوءِ روينيو کاتي ۾ هڪ ئي پوسٽ تي گهڻو عرصو رهندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر سمورن ڊپٽي ڪميشنرن کان آفيسرن توڙي ٻين ملازمن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ابتدائي طور تي ڊپٽي ڪميشنر ملير بورڊ جي روينيو جي سينيئر ميمبر جي منظوري سان ڪارروائي ڪندي مختيارڪارن سميت 21 ملازمن کي آرڊر جاري ڪندي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر گنهور لغاري عدالتي حڪمن باوجود هڪ ئي سيٽ تي 18 سالن تائين مختيارڪارن، ڪلارڪن ۽ ٻين ملازمن کي هٽائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾  اسسٽنٽ علي نواز سومرو، جونيئر ڪلارڪ عبدالقادر انصاري، جونيئر ڪلارڪ طفيل احمد گهمرو، جونيئر ڪلارڪ عامر علي شيخ، مظهر علي لغاري، جونيئر ڪلارڪ قربان علي ڀٽو، جونيئر ڪلارڪ فاروق علي جتوئي، جونيئر ڪلارڪ منور ملڪ، جونيئر ڪلارڪ ذيشان علي ميمڻ، جونيئر ڪلارڪ عقيل احمد،  ۽ جونيئر ڪلارڪ داد رحيم سميت اٺن سالن تائين هڪ ئي آفيس ۾ ويٺل هئا، جڏهن تي سمورن آفيسرن کي مختلف جڳهن تي بدلي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.