شادي لارج لڳ ڍورو پراڻ ۾ ستن کان ڏهن ورهين جي عمر جا 4 ٻارڙا ٻڏي فوت

شادي لارج ( ن ع آ ) شادي لارج لڳ ڳوٺ ڪيٽي وٽان ڍورو پراڻ ۾ هڪ خاندان جا چار گلڙن جهڙا ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا واقعي بعد گهر  ۾ ڪهرام علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو فوتي ٻارڙن ۾ ٻه ڀائر  10 سالن جو لالچند ڪولهي، 8 سالن جو ٽيڪم پٽ ڪرمشي، 8 سالن جي مهالو ڌي ڏانون ۽ 7 سالن جي ڪملي ڌي گامون ڪولهي شامل آهن جڏهن ته واقعي وقت فوتي ٻارڙن جا والدين ٻني تي ڪم لاءِ ويل هئا گهر ۾ ڪو به ڀاتي موجود نه هو جنهن سبب هيان ڏاريندڙ واقعو پيش آيو جڏهن ته چار ٻارڙا فوت ٿي وڃڻ بعد ڪوبه چونڊيل نمائندو يا سرڪاري عملدار متاثرن وٽ نه پهتو. چار ٻارڙن جا لاش گهرن ۾ پهچندي ئي ڪهرام مچي ويو ماءُ پيءُ کي بيهوشي جا دورا ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.