پرڏيهه مان گهرايل ڪڻڪ 500 رپيا مهانگي، خرچ به صوبن کان وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي سرڪار طرفان پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ تي صوبن کي ڏنل سبسڊي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، تفصيل موجب وفاقي سرڪار طرفان پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ تي ڏنل  سبسڊي صوبن کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دوران ڪڻڪ جا مناسب اگهه طئه ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ حماد اظهر ۽ ٻيا شامل آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي ٽرانسپورٽ سوڌو ٻيا خرچ به صوبائي حڪومتون ادا ڪنديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار پنهنجي فيصلي کان صوبن کي آگاهه ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 1450 رپيا ٻاهران گهرايل ڪڻڪ 19 سئو رپين ۾ في مڻ پئجي رهي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.