آرمي چيف سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جي ملاقات

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي ڪمانڊرن جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، علائقائي سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته آرمي چيف ۽ آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ آمريڪا فوجي سهڪار، افغان امن عمل ۽ ڪشمير جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ڇا هنن کي ڪو شرم حيا ناهي؟ نيلم منير عثمان بوزدار تي ڏمرجي پئي

ڪراچي (رپورٽر) ناليواري اداڪارا نيلم منير جنسي زيادتي ڪيسن ۾ عدالتن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي عدالتي سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. من موهڻي اداڪارا نيلم منير انسٽاگرام تي هڪ تصوير جاري ڪئي، جنهن ۾ هڪ عورت معاشري جي حيوانن هٿان هوس جو نشانو بڻجندي نظر اچي رهي آهي. تصوير جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته معاشري ۾ موجود جوابدار ۽ زاني اڄ به ائين بنا خوف اهڙي قسم جا ڏوهه ڪندا رهن ٿا، ڄڻ انهن کي ڇوٽ حاصل هجي. نيلم منير مطالبو ڪيو ته اسان جي ملڪ ۾ عدالتي سڌارن جي ضرورت آهي، جنهن جو وزيراعظم واعدو به ڪيو هو پر اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو ويو. افسوس جو مقام اهو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير چئي رهيو آهي عمر شيخ کي وقت ڏيڻ گهرجي ته جيئن معاملا بهتر ٿي سگهن، اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن، ڇا انهن کي ڪو شرم حيا ناهي؟ الله پاڪ اسان تي رحم فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.