ٽنڊي باگي ۾ مينهن متاثر راهه تڪيندا رهيا، بلاول نه پهتو

بدين (رپورٽ رازقڏنوکوسو)ٽنڊوباگو شھر ۾  رات کان انتظاميا پاران سياسي ماڻھن سميت ھٿرادو قائم ڪيل خيما بستي ۾ رات کان سوين ماڻھن کي انتظاميا ترسائي انھن جون لسٽون تيار ڪري انھي آسري تي ويھاريو ويو ته بلاول اچي ٿو ۽ اوھان کي راشن ۽ امداد  ڏيندو جتي خيما بستي ۾ آيل سوين ماڻھو سخت گرمي ۽ بکن اڃ وگھي بلاول جو انتظار ڪندا رھيا پر بلاول شھر مان پيپلزپارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري جي ماني کائي بس اسٽاپ تي تقرير ڪندو واپس ھليو ويو پر قائم ٿيل خيما بستي ۾ نه ويو جنھن ڪري ڪالھه کان ترسايل سوين مسڪين ماڻھو بکن ۾ پاھ ٿيڻ سميت گرمي ۾ سڙڻ بعد مايوس ٿي واپس گھرن ڏانهن هليا ويا.

بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان سان ڪيل واعدن تي عمل نه ٿيو: عمران خان

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم عمران خان مختصر دوري تي بلوچستان پهتو، جتي هن وڏي وزير ڄمال ڪمال ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۾ ملاقات دوران صوبي جي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيو ئي، جڏهن ته ڄام ڪمال وزيراعظم کي ترقياتي قدمن ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم صوبائي حڪومت جي ترقياتي پروگرام ۽ امن لاءِ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڄام ڪمال کي وفاقي حڪومت طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري به ڪرائي. هوڏانهن وزيراعظم بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان به مليو، جتي وڏو وزير ڄام ڪمال، وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر پڻ موجود هو. عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جي پهرين ترجيح پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان سان واعدا ته ڪيا ويا پر عمل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته بلوچستان لاءِ اسان جي حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا، ايراضي جي لحاظ سان بلوچستان ۾ ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن پر ان حوالي سان ترجيحون طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسان کي انصاف نه پيو ملي: ڪيپٽن صفدر

لاهور (م ڊ ) نواز ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر ) سفدر چيو آهي ته اسان کي انصاف نه پيو ملي. چهنگ ٿاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته حڪومت نيب ۽ ٻين ادارن کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. نواز شريف خاندان کي تنگ ڪرڻ سان ڪو به پوليس آفيسر پروموشن نه ماڻيندو. هن چيو هتي هوا جي ڌيءُ محفوظ ناهي، موٽر وي تي ڏينهن ڏٺي جو قوم جي نياڻي کي درندگي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، جيڪڏهن شهباز شريف هجي ها ته 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ٿي چڪا هجن ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.