سنڌ ۾ برسات ۽ ڪورونا متاثرن کي 34 ارب رپيا روڪ جو فيصلو، امدادي ڪمن لاءِ 70 ڪروڙ جاري

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار برسات ۽ ڪورونا متاثرن کي 34 ارب رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير برسات سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن  لاءِ 70 ڪروڙ رپيا گرانٽ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. احساس پروگرام جي مقابلي ۾ متاثرن کي سنڌ سرڪار 5 کان 8 هزار رپين تائين رقم ڏيندي، حتمي فيصلو سروي کان پوءِ ڪيو ويندو، ان  حوالي سان  چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو  اجلاس  ٿيو. اجلاس ۾ برسات متاثر ضلعن جي عوام جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي،  ان سان گڏ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو نادرا کان ڊيٽا حاصل ڪري ٽن ڏينهن اندر تصديق ٿيل انگ اکر ڏين. اجلاس ۾ وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ حارث گازدار، ناڻي واري سيڪريٽري سيد حسن نقوي، سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ سيڪريٽري انڊسٽريز شرڪت ڪئي. رقم جي ورهاست لاءِ ايندڙ هفتي کان ڪراچي ڊويزن جي 10 يونين ڪائونسلن مان  متاثر ماڻهن جا انگ اکر جمع ڪيا ويندا ۽ آڪٽوبر تائين سموري صوبي جا انگ اکر جمع ڪيا ويندا. جنهن جي تحت سنڌ سوشل رجسٽري نمبر ڏنو ويندو جنهن بعد موبائيل کان ايس ايم ايس جي ذريعي رجسٽريشن ٿيندي، ان جي تصديق بعد نومبر ۾ ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون ۾ متاثر ٿيل ماڻهن ۾ رقم ورهائي ويندي. سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت بجيٽ ۾ سوشل پروٽيڪشن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ سوشل پروٽيڪشن جي لاءِ 34 ارب رپيا مختص ڪيا آهن،  اها رقم زراعت، لائيو اسٽاڪ، اسمال انڊسٽريز، آسان قرضن، انفارميشن ٽيڪنالاجي سمارٽ ايپس ۽ ڪيش ٽرانسفر جي صورت ۾ عوام تائين پهچائي ويندي. سيد ممتاز علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جي لاءِ پڻ 20 ارب رپيا ڪيش ٽرانسفر جي لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي آن لائن بينڪنگ جي ذريعي ماڻهن تائين پهچايا ويندا، جنهن جي لاءِ نادرا سميت سمورن ادارن کان ڊيٽا ورتي پئي وڃي. هوڏانهن  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ برسات سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن لاءِ 70 ڪروڙ رپيا گرانٽ جي منظور ڏيندي  متاثر ماڻهن جي چوپائي مال کي کاڌ خوراڪ، مڇرداني، خيما ۽ گاهه جي مناسب ورڇ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير برسات سٽيل سڀني ضلعن ۾ امدادي ڪمن جي جائزي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.  هن اجلاس کي ٻڌايو ته هن  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ برسات سٽيل ضلعن، ڪراچي، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ بدين جو دورو ڪيو ۽ ڏٺائين ته ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي رهيا هئا. وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته 70 ڪروڙ رپيا تُرت جاري ڪندي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ پي ڊي ايم اي کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي ڪورنگي جي الله والا چوڪ تي عمارت ڊهڻ واري واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي،  وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هتان جي ٻين ڪمزور عمارتن کي سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ جلد خالي ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.