عاصم باجوه جي ثبوتن تي اعتراض ڪندڙ جي آءِ ٽي لاءِ درخواست ڏين: شهزاد اڪبر

لاهور (م ڊ) احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته جنهن کي عاصم سليم باجوا جي مني ٽريل تي اعتراض آهي،   اهو جي آءِ ٽي لاءِ درخواست ڏئي. شهزاد اڪبر داتا درٻار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور ۾ عورت سان زيادتي معاملو حڪومت لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي، لاهور پوليس ڪيس ۾ صحيح ڪم ڪري رهي آهي، پنجاب جا روڊ سڀني لاءِ محفوظ هوندا. هن چيو ته اپوزيشن وٽ الزامن کانسواءِ ڪجهه ناهي، آل شريف ڪوڙ ڳالهائي فرار ٿيو، راڻا ثناءُ الله نيب جي سوالن جا جواب ڏئي، مولانا فضل الرحمان اي پي سي لاءِ رينٽ اي جو ڪم ڪري رهيو آهي. خاص مددگار عاصم سليم باجوا جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جنهن کي عاصم باجوا جي مني ٽريل تي اعتراض آهي،  اهو جي آءِ ٽي ٺاهڻ جي درخواست ڏئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.