ڪڻڪ ڪرپشن ڪيس ۾ فلور مل مالڪ ۽ ٻين جي رمانڊ ۾ واڌ

سکر ( رپورٽر) سرڪاري ڪڻڪ ۾ ڪرپشن  جي الزام ۾ گرفتار فلور مالڪ ھريش ڪمار ، ٺيڪيدار جمعا خان .، عظيم آرائين ، منور مھر کي جوڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ريمانڊ ۾ واڌ ڪري 18 ستمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.چئني جوابدارن خلاف نيب سرڪاري ڪڻڪ ۾  ڪروڙين روپئن جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيل آهي جن ۾ ٻن جوابدارن پاران پلي بارگينگ ڪندي رقم جمع ڪرائي هئي جن کي عدالتي حڪم بعد پلي بارگينگ واري درخواست منظور ڪندي آزاد ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.