ٻيٽ تي شهر جو منصوبو ڌرتي ڌڻين خلاف سازش آهي: اي جي پي

ڪراچي( پ ر) سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائڻ وارو خواب پراڻو آهي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم جو ڀنڊار ٻيٽ تي شهر اڏڻ جو خيال سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش  جي ڪڙي آهي. سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي سمورن وسيلن تي مسلسل ڌاڙا لڳندا پيا اچن. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ سنڌين کان سواءِ هر ماڻهو جي مدد ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر وشنومل، سيد لال شاهه، نورنبي راهوجو، قربان پنهور، لال محمد چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، ڪليم ملڪ، اياز چانڊيو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.  هنن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ کي رڳو پنجاب ۽ خيبر جو وزيراعظم ٿو سمجهي ۽ ٻين صوبن جي عوام جي حقن جي لتاڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ جي وسيلن تي ملڪ ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان ڌاڙا لڳندا پيا اچن سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو دنيا جي هر ماڻهو کي هتي اچي آباد ڪجي ۽ ڌارين جا شهر اڏجن انهي عمل کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.  هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر اڳ ۾ ئي بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد سميت ڪيترن ئي سنڌ دشمن منصوبن تي حڪومت عمل پيرا رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.