سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سازش آهي: نواز زئور

ڪراچي/ملير/ميرپوربٺورو (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪراچي ۾ ١٩ سيپٽمبر تي ”ڪراچي ۽ سنڌو درياءُ بچايو ريلي“  جون تياريون جاري آهن. ان سلسلي ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور پاران جسقم سربراهه صنعان خان قريشي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي رابطا تحريڪ جي سرور پليجو، ڊيلٽا آرگنائيزيشن جي اڳواڻ عبدالله خان مرگھر ۽ شاهه عنايت ادبي فورم جي اڳواڻ اوڀايو خان خشڪ کي شرڪت جون دعوتون ڏنيون ويون آهن. ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ ۽ ٻين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن کي ريلي ۾ شرڪت جون دعوتون ڏنيون آهن۔ هوڏانهن نواز خان زنئور ملير پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واريون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏبيون۔ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري رٿا سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ واري سازش جو حصو آهي۔ جنهن عمل کي سنڌي قوم ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.