گڊو بيراج جي ٻن انجنيئرن سميت 6 جوابدارن خلاف 4 ڪروڙ ڪرپشن جوريفرنس

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) نيب پاران سکر جي احتساب عدالت ۾ گڊو بيراج جي ٻن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن سميت 6 جوابدارن خلاف  ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.  نيب سکر گڊو ،ڪشمور مائينر ۽ ڪئنالن جي اسڪيمن جي مد ۾  ٿيل ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري جوابدارن خلاف ريفرنس نيب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.  نيب سکر گڊو بيراج جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر اسدالله شيخ، آفتاب کوسو، ٺيڪيدار طارق عباسي ، شبير دستي سميت 6 جوابدارن خلاف 4 ڪروڙين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ، عدالت ريفرنس  منظور ڪندي 15 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.