ميرپورخاص ۾ مني لانڊرنگ جوابدار جي گهر تي ڪار سوارن جي چڙهائي، تشدد

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ مني  لانڊرنگ جي الزام ھيٺ آيل ھريش ڪڙيلا جي گھر تي ڪارن ۾ آيلن جي چڙھائي ڪري سامان جي گهر ڪئي.  انهن گهر ڌڻين کي ٻورين ۾ لڪايل رقم ۽ سون سندن حوالي ڪيو وڃي. جيڪا ملڪيت نه ھئڻ جي انڪار تي چڙھائي ڪندڙن لٺيون ھڻي ھريش جي والد اوڏو ۽ ڀاءُ راجيش کي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين جي مرھم پٽي بعد ھريش جي وارثن تعلقي ٿاڻي ۽ بعد ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڳالھائندي ھنن چيو ته چڙھائي ڪري گھر ڌڻين کي زخمي ڪندڙن جي ھڪ گاڏي جو ھنن نمبر نوٽ ڪيو آھي پر پوليس سندن خلاف قدم کڻڻ لاء تيارئي ناھي. ھنن چيو ته ھريش مٿس لڳايل الزامن کي ڪورٽ اندر منھنن ڏئي رھيو آھي سندس گھر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بنائڻ ملڪي قانون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي ان ڪري جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.