متحده باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي منتقلي، جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) متحده باني خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊيشنل  اٽارني جنرل طلب ڪري ورتو، تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري سان ڪيس ٽرانسفر نٿو ٿي سگهي، ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل چيف جسٽس جي منظوري ضروري آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پاران ايف آءِ اي جي اختيارين تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.