آدم شماري جا نتيجا جاري نه ڪرڻ بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  طرفان آدم شماري جا  حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت  ۾ تڪ بندين لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن طرفان ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين کي شامل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته آدم شماري جي حتمي نتيجن جي لاءِ وزير اعطم، قومي اسيمبلي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي خط موڪليو آهي،نئين تڪ بندين جي لاءِآدمشماري  نتيجن جو اعلان ڪرڻ ضروري آهي. عدالت 24 سيپٽمبر تائين سي سي آءِ ۽ آدم شماري جي نتيجن جي رپورٽ گهري ورتي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.