ڀارت ۾ ماريل 11 هندن جو ڪيس شهدادپور ٿاڻي تي داخل

شهدادپور (ن ع آ) ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل جو ڪيس سنڌ جي شهر شهدادپور ۾ مقتول خاندان جي ڇوڪري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. شهدادپور ٿاڻي تي ڪيس ڀارت ۾  قتل ٿيندڙ ڪٽنب جي سربراهه جي ڌيءُ شريمتي مکڻي ڀيل داخل ڪرايو. ايف آءِ آر ۾ متاثر ڇوڪري موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس سڄي خاندان کي راجسٿان جي ڳوٺ لوڻا ۾ آگسٽ 2020 ۾ قتل ڪيو ويو، مارجي ويلن ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ خاندان جا ٻيا فرد شامل آهن. ايف آءِ آر موجب آر ايس ايس جا دهشتگرد ۽ بي جي پي جا غنڊا رات 3 وڳي گهر ۾ گهڙيا، جتي انهن 80 ورهين جي پيءُ، 75 ورهين جي ماءُ سميت سڄي خاندان کي زهريلي انجيڪشن هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مکڻي ڀيل مطالبو ڪيو آهي ته انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي تي انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ آر ايس ايس ۽ بي جي پي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته گذريل مهيني ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 11 پاڪستاني پناهگير گهر ۾ پراسرار طور مُئل حالت ۾ هٿ آيا هئا. ان حوالي سان هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو هو ته ان معاملي تي متاثر خاندان جي هڪ ڇوڪري شريمتي مکڻي پريس ڪانفرنس ۾ الزام هنيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ منهنجي خاندان جو پاڪستان مخالف ايجنٽ بڻجڻ جو چيو ۽ انڪار تي قتل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.