”ڪراچي ڪاميٽي سميت سنڌ دشمن رٿائون نامنظور“ عوامي تحريڪ جي بدين ۾ ريلي

بدين. ( ڊ ر ) بدين ۾ عوامي تحريڪ پاران  ڪراچي ڪاميٽي  جي قيام۽ سنڌ جي ورهاست جي سازش سميت سنڌ دشمن رٿائن خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، پارٽي اڳواڻن وسند ٿري، لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، زرقا هاليپوٽو، مير بشير ٽالپر، مهراڻ درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قطر مسجد کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي قاضيه واهه پل چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو.ريلي ۾ عورت ڪارڪنن جو به وڏو تعداد شامل هو.ڪارڪنن  بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته وزير اعظم عمران خان ۽ وزير اعلى مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي ٻڌائين ته ملڪ جي ڪهڙي قانون ۽ آئين موجب ڪراچي ڪميٽي جوڙي ويئي آهي.؟ ڪراچي ڪميٽي کي آئين ۽ قانون موجب ڪوبه اختيار نه آهي ته هو ڪراچي بابت فيصلا ڪري، ڪراچي ڪميٽي جا سمورا فيصلا غير آئيني ۽ غير قانوني آهن. هن چيو ته ڪراچي سميت بدين، ٺٽي، سجاول، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، دادو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ميرپور خاص، نوشهرو فيروز ۽ ٻين ضلعن جو عوام برسات سبب سخت متاثر ٿيو آهي.هن چيو ته سنڌ جي عوام کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تحت بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون ٺاهيون پيون وڃن. سنڌ حڪومت لکين ايڪڙ زمينون رهائشي اسڪيمن کي ڏيئي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. مهراڻ درس، زرقا هاليپوٽو، جاکرو نوحاڻي، پوڙهي هاليپوٽو، مرتضيٰ شام، هميرو مل، رامجي ڪولهي، بيگم زئور، مربت هاليپوٽو، دلدار لغاري  مير شبير ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.