موٽروي واقعي بعد حڪومت هوش کان ڪم وٺي، پوليس ۾ سياسي مداخلت روڪڻي پوندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد موٽروي وارَي واقعي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ اندر پوليس ۾ سياسي مداخلت عام ٿي چڪي آهي، پوليس سياسي بڻجي  چڪي آهي، جنهن جو مثال موٽروي تي عورت سان لڄالٽ وارو واقعو آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺَي ۽ پوليس جِي ساک بحال ڪري، هاءِ وي تي حفاظت جو اثرائتو نظام نه هجڻ شرمناڪ آهي. جنهن سبب معصوم مسافرن کي سنگين ڏوهن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته پنجاب پوليس ۾ ٿيل تبديليون اُن ڳالهه جِي علامت آهي ته پوليس ۾ ڪيترَي حد تائين سياسي مداخلت آهي، موجوده پوليس جِي ڪمان غير پشيوراڻن ماڻهن جَي هٿن ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.