ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو جي وهڪرن ۾ واڌ جاري

حيدرآباد: درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ وارو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آهي، مهاڻن جي روزگار جا در به کلڻ لڳا آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڪوٽڙي بئراج تي وڌي رھيو آھي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 212560 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 206518 ڪيوسڪ آھي، سکر بئراج وٽ مٿاھون وھڪرو 489235 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 446500 ڪيوسڪ آھي، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ مٿاھون وھڪرو 559570 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 540650 ڪيوسڪ آھي، درياهه ۾ پاڻي اچڻ جي ڪري درياهه جي ڪچي وارا علائقا ٻڏي ويا، حيدرآباد ۾ قاسم آباد ۽ لطيف آباد جا ڪچي وارا سمورا علائقا پاڻي ھيٺ اچڻ سبب گھر ۽ فصل پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري لڏپلاڻ جو سلسلو به جاري آھي.

سنڌو جي ڪنڌي وارن شهرن جون رونقون بحال

حيدرآباد: درياهه ۾ پاڻي اچڻ کانپوءِ درياهه سان لڳندڙ شهرن ۽ مختلف علائقن جون رونقون به بحال ٿيڻ لڳيون آهن، حيدرآباد، ڄامشورو پل المنظر، حسين آباد بند ۽ لطيف آباد بچاءُ بند سميت سنڌو جي ڪنڌي وارن علائقن ۾ روز شهري وڏي انگ ۾ تفريح ڪرڻ لاءِ پهچن ٿا.

سنڌو ۾ پاڻي اچڻ سان پلو به اچي ويو

حيدرآباد: سنڌو درياهه ۾ پاڻي اچڻ جي ڪري ٻي مڇي سان گڏ پلو به اچي ويو آهي، پلي جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ مهاڻن درياهه ۾ پنهنجا  رڇ وڇائي پلي جو شڪار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پلو 500 رپين کان ويندي 2 هزار رپين ۽ ان کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.